22 پیر , اکتوبر 2018

عمران وري جوتاگردي جو شڪار، ذري تان بچاءُ، پادر عليم خان کي ٽڪاءُ

گجرات (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي تقرير دوران عليم خان کي جوتو هنيو ويو. گجرات ۾ عمران خان پارٽي اڳواڻن سان گڏ ڪارڪنن کي خطاب ڪري رهيو هو ته اوچتو اتي موجود ماڻهن مان هڪ شخص اسٽيج ڏانهن

جوتو اڇلايو، جيڪو عمران خان سان گڏ بيٺل پي ٽي آءِ اڳواڻ عليم خان جي سيني تي وڃي لڳو. اها ڳالهه واضح ناهي ته جوتو هڻندڙ جو نشانو عمران خان هو يا هن عليم خان کي ئي جوتو هنيو. واضح رهي ته اڄڪلهه سياستدانن تي جوتا اڇلائڻ جو رجحان تيز ٿي ويو آهي.واقعي بعد عمران تقرير ڇڏي هليو ويو، ان کان اڳ ميمبر سازي مهم کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته نواز شريف جا برطانيا ۾ محل پڪڙيا ويا آهن، جڏهن عدالت نااهل قرار ڏئي ٿي ته چيو وڃي ته مون کي ڇو ڪڍيو ويو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت جو وقت اچي ويو آهي، نواز شريف جو فرض هو ته ٻڌائي ها لنڊن جي محلن لاءِ پئسا ڪٿان آيا؟ سندس چوڻ هو ته سڀني کي خبر آهي ته پنجاب جي ٿاڻن ۾ ڇا ٿيندو آهي، چور جواب ڏيڻ بدران پاڻ سوال ڪري رهيا آهن.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران جي اتحادي قادري به عوام کي رستن تي اچڻ جو چئي ڇڏيو

لاهور: ( م ڊ) پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري هاڻوڪي نظام خلاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے