21 اتوار , اکتوبر 2018

نواز شريف،مريم نواز ۽ محمد  صفدر جي سزا جي معطلي بابت فيصلو اڄ ٿيندو

It will be decided today to suspend the punishment of Nawaz Sharif, Maryam Nawaz and Mohammad Safdarاسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) ايون فليڊ ريفرنس ڪيس ۾ اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف سندس نياڻي مريم نواز ۽ ناٺي ڪيپٽن (ر) محمد صفدر جي سزا جي معطلي بابت درخواستن تي فيصلو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڄ ٻڌائيندي . واضح رهي ته اسلام آباد جي احتساب عدالت جي نمبر هڪ جي جج بشير  هلندڙ سال 6 جولائي تي ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نواز شريف کي گڏيل طور تي 11 سال قيد ۽ ڏنڊ، مريم نواز کي گڏيل طور تي 8 سال قيد ۽ ڏنڊ ۽ ڪيپٽن ريٽائرڊ محمد صفدر کي هڪ سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي. جنهن بعد ڪيپٽن( ر ) صفدر کي نيب گرفتار ڪيو، جڏهن ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس نياڻي مريم نواز 13 جولائي تي لنڊن کان وطن واپس اچي گرفتاري ڏني هئي. جنهن کانپوءِ ٽنهي ڄڻن سزائون خلاف 16 جولائي تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو دروازو کڙڪايو .اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس ميان گل حسن ارونگزيب 5 ٻڌڻين ۾ صفائي واري وڪيل ۽ نيب جو موقف ٻڌو. ان دوران غيرضروري التوا تي عدالت نيب تي 10 هزار ڏنڊ پڻ هنيو هو. ٻڌڻي بعد هاءِ ڪورٽ 20 آگسٽ کان سزا جي معطلي تي فيصلو  ملتوي ڪري ڇڏيو. عدالتي موڪلن بعد درخواستن جي نئين سري سان ٻڌڻي شروع ڪرڻ جو فيصلو ٿيو ۽ اعليٰ عدالت ڌرين کي ثبوت ۽ ميرٽس کان هٽي ڪري احتساب عدالت جي فيصلي تي سرسري دليل ڏيڻ جي هدايت ڪئي. ٻئي پاسي نيب سزا معطلي وارين درخواستن جي پهرين ٻڌڻي بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو، جڏهن ته سپريم ڪورٽ پٽيشن رد ڪري ڇڏي ۽ عدالتي وقت ضائع ڪرڻ تي نيب تي 20 هزار رپيا ڏنڊ پڻ هنيو. گذريل ڏينهن ٻڌڻي بعد اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس اطهر من الله لکت ۾ حڪم جاري ڪيو ته جيڪڏهن ته شريف خاندان جي سزا معطلي وارين درخواستن تي نيب پراسيڪيوٽر جا دليل سڀاڻي(19 سپٽمبر تي) اڌ ڪلاڪ ۾ مڪمل نه به ٿيا ته فيصلو ٻڌايو ويندو. ۽ هاڻ اڄ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ان درخواستن تي ستين ٻڌڻي بعد فيصلو ٻڌائي رهي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبن ۾ اتفاق راءِ سان ئي آبي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا: سرتاج عزيز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ناليواري اقتصاديات جي ماهر سرتاج عزيز چيو آهي ته صوبن اتفاق رائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے