18 جمعرات , اکتوبر 2018

ووٽ وڪڻندڙن تي لعنت، ضمير کپائيندڙ محب وطن ۽ نه وڪڻندڙ ملڪ دشمن سڏيا پيا وڃن: قومي اسيمبلي ۾ بحث

اسلام آباد (م ڊ) سينيٽ چونڊن تي قومي اسيمبلي ۾ گرما گرم بحث، اچڪزئي چيو آهي ته زور ۽ پئسي تي سينيٽ چونڊون ٿيون ته ملڪ جا بنياد لڏي ويند

. ڪامورا نه اچڻ تي اسپيڪر واڪ آئوٽ ڪري ويو ۽ اسيمبلي ڪارروائي معطل ٿي وئي. پختونخواه ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته سينيٽ هائوس آف فيڊريشن آهي، جيڪڏهن ان جي اليڪشن ۾ پئسي ۽ طاقت جو استعمال ٿيندو ته ملڪ جا بنياد ڌڏي ويندا، سينيٽ اليڪشن ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو تاريخ جو ڪارو داغ آهي، سينيٽ اليڪشن ۾ اسان جمهوريت جي جنگ هاري چڪا آهيون، هن چيو ته پاڪستان وفاقي ڌرين جو مجموعو آهي ۽ سڀ پاڻ کي پاڪستاني چوندا آهن، اسان سڀ آئين تحت پاڻ ۾ ڳنڍيل آهيون، سينيٽ هائوس آف فيڊريشن آهي، جيڪڏهن ان جي چونڊن ۾ پئسي ۽ طاقت جو استعمال ٿيندو ته پاڪستان جا بنياد ڌڏي ويندا، رضا رباني جي قرباني ڏئي به بدترين مخالف گڏجي ويا. مون بلوچستان جي اليڪشن جي حوالي سان ٻاهرين مداخلت جي ڳالهه ڪئي هئي ۽ وزيراعظم کان مطالبو ڪيو هو ته ان جي جاچ ڪرائي وڃي. پاڪستان پيپلزپارٽي جي پارليماني اڳواڻ سيد نويد قمر پختونخواه ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي جي جمهوريت جي لاءِ خدمتن کي ساراهيندي چيو آهي ته هاڻي هار جيت جو مرحلو گذري ويو آهي، اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي، ڇا وڃايو ڇا حاصل ڪيو ان مان اسان کي سبق حاصل ڪرڻ گهرجي، ايندڙ عام چونڊون صاف، شفاف ، منصفاڻيون ۽ مداخلت کان پاڪ هجن اها ئي جمهوريت جي اصل فتح هوندي، اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي سيد نويد قمر محمود خان اچڪزئي جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊن جي حوالي سان ڪجهه خلا ضرور آهن پر ڪالهوڪي فيصلي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف، پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم گڏجي حڪومت جي مخالف اميدوار کي ووٽ ڏنو، اهو آئين ۽ قانون جي خلاف نه آهي، هن چيو ته حڪومت جيڪڏهن پهرين ڏينهن کان پارليامينٽ کي اهميت ڏي ها ته شايد هي ڏينهن نه ڏسڻا پون ها. جماعت اسلامي جي پارلياماني اڳواڻ صاحبزاده طارق الله چيو آهي ته سينيٽ اليڪشن جي شروعات بلوچستان حڪومت ۾ عدم اعتماد جي رٿ سان شروع ٿي، سينيٽ اليڪشن غليظ ۽ داغدار جمهوريت جو مثال آهي، اهڙن ماڻهن کي ميدان ۾ آندو ويو جنهن وٽ پئسو هو، پئسو وٺندڙ ۽ ڏيندڙن کان قرآن پاڪ تي حلف ورتو وڃي، اسان جي ويجهو هڪ اهڙي مٿين ايوان جي ڪا به حيثيت نه هوندي، اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي صاحبزاده طارق الله چيو ته سينيٽ اليڪشن ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان جو تاريخ ۾ مثال نٿو ملي، هي انتهائي غلط ۽ عدم شفافيت جي طريقيڪار سان ٿيو ۽ هي داغدار جمهوريت جو مثال آهي. مسلم ليگ (ق) جي اڳوڻ طارق بشير چيمه چيو آهي ته سينيٽ چونڊن جا اثر عام چونڊن تي پوندا. پاڪستان تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر شهر يار آفريدي چيو آهي ته سينيٽ اليڪشن ۾ ووٽ وڪرو ڪرڻ جي الزامن جي جاچ لاءِ هڪ آزاد ڪميشن جوڙي وڃي ۽ الزام درست ثابت ٿيڻ تي سخت سزا ڏني وڃي. مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبر ڪيپٽن (ر) صفدر چيو آهي ته سينيٽ اليڪشن ۾ سازش ٿي آهي، نواز شريف ان نظام کي بدلائڻ طرف نڪتو آهي، ڪالهه اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي ڪيپٽن (ر) صفدر چيو ته اسان جي ابن ڏاڏن هي پاڪستان ڏنو، ڀٽو کي ڦاسي ڏني وئي پر ان جو نظريو زنده رهيو، گذريل ڏينهن ڀٽو کي ڦاسي ڏني وئي، اسان سينيٽ ۾ هارايو پر اسان جنگ نه هارائينداسين، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق نئين تڪ بندين جي حوالي سان ميمبرن جي خدشن جو نوٽيس وٺندي سمورين پارلياماني پارٽين تي مشتمل ڪميٽي جوڙڻ تي راضپي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڪميٽي نئين تڪ بندين جي حوالي سان ميمبرن جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن سان ڳالهيون ڪندي. مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبر رميش ڪمار سينيٽ اليڪشن جي حوالي سان خدشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهڙو آئيني طريقيڪار اختيار ٿيڻ گهرجي جنهن سان پارليامينٽ جي تقدس ۽ توقير ۾ اضافو ٿئي، اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي رميش ڪمار چيو ته سينيٽ جي اليڪشن ۾ ڪجهه ٿيو آهي اها پارليماني روايت نه آهي، اسان کي آئيني طريقيڪار اختيار ڪرڻ گهرجي جنهن سان پارليامينٽ جي توقير ۽ تقدس ۾ اضافو ٿئي. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ گرينڊ جرڳو جوڙيو وڃي. قومي اسيمبلي جي اجلاس جي ڪارروائي گهرو وزير، گهرو مملڪتي وزير، گهرو پارلياماني سيڪريٽري ۽ گهرو سيڪريٽري سميت گهرو وزارت جو ڪو به نمائندو مهمانن جي گئلري ۾ موجود نه هجڻ سبب معطل رهي، اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس جي آغاز ۾ پي ٽي آءِ جي ميمبرن جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس غور هيٺ آڻڻ جي ڪارروائي شروع ٿي ته ايوان ۾ گهرو وزير، مملڪتي گهرو وزير ۽ پارلياماني سيڪريٽري موجود نه هئا، اسپيڪر پڇاڻو ڪيو ته مهمانن جي گئلري ۾ ڇا گهرو سيڪريٽري ۽ گهرو وزارت جو ڪو به نمائندو موجود آهي ته کيس ٻڌايو ويو ته ڪو به موجود نه آهي جنهن تي اسپيڪر سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي قومي اسيمبلي جي اجلاس جي ڪارروائي ڪجهه دير لاءِ معطل ڪري ڇڏي، اجلاس ڪجهه دير معطل رهڻ کانپوءِ اسپيڪر ايوان ۾ آيو ته هن ايوان کي ٻڌايو ته گهرو وزارت جي ان رويي تي هن اجلاس جي ڪارروائي جي صدارت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اجلاس جي ڪارروائي ڊپٽي اسپيڪر هلائيندو، هو احتجاجن واڪ آئوٽ ڪري ٿو، سيفران واري وفاقي وزير عبدالقادر بلوچ چيو آهي ته سينيٽ جي چونڊن ۾ پئسي ۽ طاقت جون ڳالهيون جمهوريت لاءِ نقصانڪار آهن، جيڪو طريقو اختيار ڪيو ويو اهو غلط ۽ نامناسب آهي. قومي پارٽي جي سربراهه ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر آفتاب احمد خان شيرپائو چيو آهي ته اسان جي خواهش هئي ته سينيٽ چيئرمين جي چونڊ ۾ متفقه اميدوار سامهون اچي ها پر ائين نه ٿي سگهيو، عمران خان ۽ آصف زرداري ماضي ۾ هڪٻئي جي حوالي سان جيڪي لفظ استعمال ڪيا اهي رڪارڊ تي موجود آهن.033041

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڌيڪ 3 ٻارڙا فوت، فيصل واوڊا ڪراچي ۽ سنڌ لفظ واپس ورتا

مٺي: گورنر سنڌ ۽ وفاقي وزير شاهي پروٽوڪول سان ڏڪاريل ڏيھه ٿر پهچي ويا،پوليس اسلام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے