18 جمعرات , اکتوبر 2018

بوزدار وڏن ويجهو پوليس پورهيت کي ٻنيءَ ۾ڊوڙائي ڊوڙائي قتل ڪري ڇڏيو، ڌاڙيل مارڻ جي دعويٰ

ٺري ميرواھ/هنڊياري (نمائندن وٽان) بوزدار وڏا ويجهو پوليس فيض گنج واسي پورهيت کي مٿي ۽ ڪياڙيءَ ۾گوليون هڻي قتل ڪرڻ کان پوءِ مقابلو ڄاڻائي ڌاڙيل مارڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي. رپورٽ موجب بوزدار وڏا ويجهو ڳوٺ مولابخش شر ۾ خيرپور ضلي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس ٻنيءَ تي ڪم ڪندڙ پورهيت فتح محمد شر کي گهيري ۾ آڻي مٿي ۽ ڪياڙيءَ ۾گولي هڻي مقابلو ڄاڻائي فتو ڌاڙيل کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي. پوليس موجب مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري فتو شر مارجي ويو جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿي ويا. مارجي ويل پورهيت فتح محمد شر فيض گنج تعلقي  جو رهواسي هو، مٿس مائٽن سان جهيڙي جي 4 سال پراڻي ايف آءِ آر ٿيل هئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته فيض گنج ۽ بوزدار وڏا پوليس مقتول جي مخالف ڌر کان 10 لک رپيا وٺي ڪوڙو مقابلو ڏيکاريو آھي. جڏهن ته ايس ايڇ او بوزدار وڏا ٻڍل ڪولاچي صحافين کي موقف ڏيڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو. ٻي پاسي ايس ايڇ او فيض گنج شمس الدين ٻرڙو ٻڌايو ته پوليس مارجي ويل شخص کي پڪڙڻ لاءِ پويان لڳي، خبر ناهي ڪنهن جي گولي سان مارجي ويو. جڏھن ته مقتول جي ڀيڻ ٻڌايو ته پوليس منجهند هڪ وڳي ٻنيءَ تي تي ڪم دوران فتح محمد کي پڪڙي واريءَ جي ڀٽ تي گهلي مٿي ۽ ڪياڙيءَ ۾فائر ڪري ماري ڇڏيو.ھن الزام هنيو ته سليمان شر، اختيار شر ۽ مولوي ياسين پوليس کي رشوت ڏني، جنهن مقابلي جو ڊرامو ڪري اسان جي ڀاءُ کي قتل ڪيو.05

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڌيڪ 3 ٻارڙا فوت، فيصل واوڊا ڪراچي ۽ سنڌ لفظ واپس ورتا

مٺي: گورنر سنڌ ۽ وفاقي وزير شاهي پروٽوڪول سان ڏڪاريل ڏيھه ٿر پهچي ويا،پوليس اسلام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے