16 منگل , اکتوبر 2018

اڏيري ڀرسان هندو نينگري اغوا، مزاحمت تي ڀاڄائي مرڻينگ، ڀاءُ خودڪشي ڪري ڇڏي

اڏيرول لعل وليج (رپورٽ: معشوق علي قمبراڻي)ڳوٺ ابوبڪرموروجا ۾ رهندڙ گرگلا برادري جي ڄامو گرگلي

پيرسن جي 12سالن جي ڌي جيجا گرگلو کي نامعلوم ماڻهو اغوا ڪري ويا، جيجا جي ڀاڄائي جمنا گرگلي زال پري گرگلو کي اغو ڪندڙن مزاحمت ڪرڻ تي ڌڪ هڻي شديد زخمي ڪري ڇڏيو. نينگري ۽ سندس ڀاڄائي گهر ۾ اڪيلون هيون ته واقعو پيش آيو، نينگري جي گهر ڀاتين واقعي جو اطلاع ڳوٺ جي چڱي غلام حسين موروجو کي ڏنو جيڪو ڳوٺاڻن سان گرگلن جي گهر پهتو،  ناري جي ڀاءُ پيارو گرگلو دلبرداشته ٿي ڀر ۾ وهندڙ روهڙي ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي خود ڪشي ڪري ڇڏي،  جڏهن ته ناري جي پيرسن والد ڳوٺاڻن سان گڏجي اغوا  ٿيل 12سالن جي ناري جيجا گرگلي جي اغوا جي رپورٽ  داخل ڪرائي، جنهن بعد پوليس ڳوٺ کدري جي رهواسي برادي ڪابرو کي گرفتار ڪري وڌيڪ جانچ ڪري رهي آهي. ٻئي طرف روهڙي ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي خود ڪشي ڪندڙ جو لاش نه ڪڍيو ويو هو، ڳولا جاري هئي واقعي خلاف  گرگلا برادري جي ماڻهن سينيٽر ڪرشنا ڪماري کان مدد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.114130

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪمند اگهه 250 مقرر ڪرڻ جو مطالبو:ڊالر جي چاڙهه سبب زراعت تي سبسڊي ڏئي سنڌ ۾ آبپاشي وزيرمقرر ڪيو وڃي:ايوان زراعت

حيدرآباد (رپورٽر) ايوان زراعت سنڌ جي اجلاس ۾ آبادگارن هر ڏينهن پاڻي جي کوٽ تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے