24 بدھ , اکتوبر 2018

محرم الحرام جا جلوس، مختلف شهرن ۾ موبائل سروس بند

Muharram-ul-Haram Jalos, mobile services closed in different citiesڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ ۾  8 محرم الحرام جا جلوس، مختلف شهرن ۾ موبائل سروس بند،مجلسن ۾ حضرت عباس علمدار جو خاص ذڪر ٿيندو.ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ ڪراچي،لاهور، فيصل آباد،  حيدرآباد، سکر ، روالپنڊي، سيالڪوٽ، ملتان سميت سموري ملڪ مان ماتمي جلوس برآمد ٿيندا، جڏهن ته ڪيترن ئي شهرن ۾ موبائيل فون سروس بند ڪئي وئي آهي.جلوسن جي  سڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا آهن. جلوسن جي لنگهن کي ڪينٽرن ۽ ٻين رڪاوٽون هڻي بند ڪيو ويو جڏهن ته ٽريفڪ کي متبادل رستن تان موڙيو ويو آهي. پارا چنار ۾ سيڪيورٽي انتظامن کي نظر ۾ رکندي افغان سرحد بند ڪئي وئي آهي. پوليس، رينجرز ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا جلوسن جي سيڪيورٽي تي مقرر آهن جڏهن ته ٽريفڪ پوليس جا اهلڪار پڻ خدمتون پيش ڪري رهيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نهال هاشمي جي بيان خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ نهال هاشمي جي پاڪ فوج خلاف بيان تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے