21 اتوار , اکتوبر 2018

نيوز: ٽنڊوجان محمد: نڪاح بعد مائٽ سندن ويري بڻجي ويا آهن، تحفظ ڏنو وڃي:جوڙو

Tandojan Muhammad: Family members are behind us after marriage, Need protection: Couple*ٽنڊوجان محمد ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي دانهيو آهي ته نڪاح بعد مائٽ سندن ويري بڻجي ويا آهن کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

ڳوٺ حسين بخش لغاري  جي رهواسي ناري ممتاز لغاري ۽ ڊگهڙي شھر جي رهواسي محمد عثمان خاصخيلي ميڊيا اڳيان دانهيندي ٻڌايو تھ  هنن حيدر آباد جي عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪيو ، جنهن کان پوءِ  سندن  مائٽ ڏمرجي پيا آھن.

ممتاز لغاري ٻڌايو ته  سندس والد ، ماما، ۽ سئوٽ کين مارڻ لاءِ ڳوليندا وتن ٿا ۽ سندن زندگين کي خطرو آهي .

هنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي اپيل ڪئي آهي ته کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي ………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز: ٽنڊوڄام:کنڀي گم ڪيل نوجوان ڪيئن بازياب ٿي گهر پهتو؟ وارث حيران!!

*ٽنڊوڄام مان چار ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل نوجوان ڊرامائي انداز ۾ بازياب ٿي ٽنڊوڄام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے