21 اتوار , اکتوبر 2018

نيوز: مسوڀرڳڙي:  ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ جلسو منقد ڪيو ويو

Masoo Bhurgiri: Tribute to the martyrs of Karbala*مسوڀرڳڙي ويجهو  ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ جلسو منقد ڪيو ويو .

ڳوٺ جيئندل ڪوٽ ۾ امام حسين عليه السلام جي لازوال قربانين کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ڪوٺايل جلسي کي محمد عالم نعيمي ۽ ٻين عالمن خطاب  ڪندي چيو ته امام حسين عليه السلام جي قرباني سبب ئي اڄ اسلام زندهه آهي .

 هن چيو ته امام حسين عليه السلام انسانن کي هر حال ۾ خدا جي رضا تي راضي رهڻ ۽ صبر جي تلقين ڪري ٿو

حضرت امام حسين جو پيغام نه رڳو مسلمانن پر سموري ڪائنات لاءِ آهي ته ظالم اڳيان ڪڏهن به نه جهڪجي ۽ ظلم خلاف ڀرپور مزاحمت ڪرڻ گهرجي،

جلسي ۾ علائقي واسين پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جڏهن ته ننگر نياز  ۽ سبيل جو پڻ بندوبست ڪيو ويو ……………

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز: ٽنڊوڄام:کنڀي گم ڪيل نوجوان ڪيئن بازياب ٿي گهر پهتو؟ وارث حيران!!

*ٽنڊوڄام مان چار ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل نوجوان ڊرامائي انداز ۾ بازياب ٿي ٽنڊوڄام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے