22 پیر , اکتوبر 2018

پي ٽي آءِ حڪومت جي پهرين بجيٽ ۽ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي جو بار

تحريڪ انصاف جي حڪومت کي هاڻي ڪي ٽي مهينا پورا ٿيڻ وارا آهن، انهن ٽن مهينن ۾ پي ٽي آءِ جيڪو سڀ کان وڏو حڪومتي ڪم ڪيو آهي اهو آهي، گذريل حڪومت پاران اڌ ۾ ڇڏيل بجيٽ جو باقي حصو پيش ڪرڻ، گذريل حڪومت ويندي ويندي ٽن مهينن جي بجيٽ پيش ڪئي هُئي جڏهن ته تحريڪ انصاف جي حڪومت رهيل نون مهينن جي بجيٽ پيش ڪئي آهي، اهڙيون ٽن مهينن جون بجيٽون مرڪزي حڪومت توڙي صوبن پيش ڪيون هيون، جيڪي هاڻي نون مهينن جون بجيٽون پيش ڪري مڪمل ڪيون ويون آهن.

پي ٽي آءِ جي حڪومت جي سموري قيادت چونڊن کان اڳ جيڪي ڳالهيون وڏي واڪي پئي چوندي رهي آهي، ان ۾ سڀ کان وڏي واڪ ٿيندڙ ڳالهه آهي، “ تبديلي، اسان حڪومت ۾ اچي تبديلي آڻينداسين”، تبديليءَ واري انهيءَ نالي، نعري يا فلسلفي ۾ سڀ ڪجهه سمايل هجي ٿو، جڏهن سماج ۾ تبديليءَ جي ڳالهه ٿيندي ته سماج جي هر شعبي کي تبديل ڪرڻ جو عمل ٿيندو، ۽ تبديليءَ جو اهڙو عمل، مجموعي طور تي ڪيئي سو عملن جو مشتمل هوندو آهي جيڪي نتيجا ڏئي سگهندا آهن.

تحريڪ انصاف جي حڪومت جيڪا تبديليءَ جي ڳالهه ڪئي آهي، سماج ۾ ان تبديليءَ کي “ انساني ترقيءَ” جي نالي سان منسوب ڪيو ويندو آهي ۽ انساني ترقي هر طرح سان سماج جي سڀني شعبن جي ترقي سان سلهاڙيل هوندي آهي، جنهن لاءِ وري “ ڏوڪڙ” اهم ۽ بنيادي شيءِ هوندا آهن.

بدقسمتي اها آهي ته جڏهن تحريڪ انصاف حڪومت سنڀالي ته ان دوران ملڪ شديد مالي بحران جي ور چڙهيل هو، جنهن جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته وزير اعظم پاڻ انهيءَ ڳالهه جو اعتراف ۽ اعلان ڪري چڪو آهي ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري چڪو آهي، سندس اهڙي بيان بعد باقي ڪجهه نه ٿو بچي جنهن تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي گنجائش هُجي.، اهڙي سموري پس منظر ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت جيڪا پهرين بجيٽ پيش ڪئي آهي اها بجيٽ عوام جي اميدن جي ابتڙ آهي.

وفاقي حڪومت جيڪا “ مني بجيٽ” پيش ڪئي آهي ان ۾ ڪجهه اسمن ۾ ته ٽيڪس جي ڇوٽ ڏني وئي آهي پر ٻين ڪيترن ئي اسمن تي ٽيڪس ۾ وڏي تناسب سان اضافو ڪيو ويو آهي، خاص ڪري گيس جي قيمتن ۾ انتهائي اضافو ڪيو ويو آهي، حڪومت پنهنجي طور تي جيڪا پيٽروليم جي شين تي لاڳو ٽيڪس ۾ سو ارب رپين جي ٽيڪس ڪٽوتي ڪئي آهي، ان جو به عوام کي ڪو سڌو سنئون ۽ فوري فائدو نه پوندو جو ان جو تعلق به بين الاقوامي منڊيءَ ۾ تيل جي قيمتن سان آهي، عوام کي اهڙي ڇوٽ جو فائدو تڏهن پوي ها جڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم جي شين جون قيمتون هڪ حد کان وڌي وڃن ها، هن وقت اهڙي قسم جي صورتحال نه آهي.

حڪومت  درآمدي شين جهڙوڪر قيمتي موبائلن، 1800 سي سي آرامده گاڏين، جي ڊيوٽين ۾ اضافو ڪيو آهي، ۽ سگريٽن تي ٽيڪس لاڳو ڪيو آهي.

بجيٽ ۾ مجموعي طور تي حڪومت ترقياتي خرچن ۾ 350 اربن جي ڪمي ڪئي آهي. اسد عمر جو چوڻ هو ته اهڙا منصوبا جيڪي هلندڙ آهن انهن جي بجيٽ ۾ ڪمي نه ڪئي وئي آهي جڏهن ته اهڙا منصوبا جن تي ڪم رڪيل هو انهن لاءِ بجيٽ جاري نه ڪئي وئي آهي.

حڪومت جو چوڻ آهي ته ڪوبه نئون ٽيڪس لڳائڻ کان سواءِ حڪومت 183 ارب رپين جي آمدني حاصل ڪري وٺندي، جنهن مان اڌ کان وڌيڪ رقم فقط ٽيڪس چوري روڪي حاصل ڪئي ويندي.

پي ٽي آءِ جي حڪومت جيڪا بجيٽ پيش ڪئي آهي، ان لاءِ ائين ته نه ٿو چئي سگهجي ته اها بجيٽ فقط انگن اکرن جي راند آهي، پر ان سلسلي ۾ اهو ڏسي سگهجي ٿو ته اها بجيٽ رڳو انگن اکر جي راند آهي، بجيٽ ۾ ڪي نوان ترقياتي منصوبا پيش نه ٿيل آهن، ملڪي سطح تي ڪنهن ميگا پراجيڪٽ جو ذڪر ناهي، پرڏيهي واپار لاءِ اپائن جي ڪا ڳالهه نه آهي ۽ نه ئي درآمدي واپار گهٽائڻ جو ڪو ذڪر آهي، جڏهن ته مجموعي طور تي ترقياتي خرچن مان 350- ارب رپين جي ڪٽوتي ڪئي وئي آهي.

اسين انهيءَ خيال جا آهيون ته تحريڪ انصاف جيڪا بجيٽ پيش ڪئي آهي، اها نه صرف عوام جي امنگن ۽ اميدن جي ابتڙ آهي پر اها بجيٽ مجموعي طور تي تحريڪ انصاف جي انهن سمورن دعوائن جي پڻ ابتڙ آهي جيڪي تحريڪ انصاف حڪومت کان اڳ يا حڪومت ۾ اچڻ بعد ڪندي رهي آهي، تحريڪ انصاف جي پيش ڪيل بجيٽ ۾ نه ته اقتصادي ترقيءَ جو روڊ ميپ آهي ۽ نه ئي تبديلن جو ڪو ڏس آهي، بس بجيٽ براءِ بجيٽ پيش ڪئي وئي آهي.

حڪومت جو اهو چوڻ ته سواءِ ڪنهن ٽيڪس لڳائڻ جي ٽيڪس جي مقدار ۾ 183 ارب رپيا حاصل ڪيا ويندا جن مان اڌ کان وڌيڪ رقم رڳو ٽيڪس چوريءَ روڪڻ واري عمل سان حاصل ڪئي ويندي، اسان اهو سمجهڻ ۾ حق بجانب آهيون ته تحريڪ انصاف جي حڪومت جيڪا نون مهينن لاءِ بجيٽ پيش ڪئي آهي اها بجيٽ مجموعي طور تي رڳو توقعاتن، اميدن ۽ انداز تي مبني آهي جنهن جو زميني حقيقتن سان گهڻي حد تائين تعلق گهٽ آهي، تنهن ڪري ان بجيٽ جو عوام کي ڪو سڌو يا اڻ سڌو فائدو ٿئي ائين نه ٿيندو پر عوام سڌي نموني مهانگائيءَ جي ور ضرورت چڙهندو، فقط گيس جي هڪڙي اسم جي مهانگي ٿيڻ سان عوام کي هر شعبي ۾ شديد مهانگائيءَ جي طوفان کي منهن ڏيڻو پوندو، جيڪا ڳالهه ڪنهن به طور تي عوام جي ڀلي ۾ نه آهي ۽ نه ئي تحريڪ انصاف جي حڪومت لاءِ بهترآهي.

اربع 19 سيپٽمبر  2018ع، 8 محرم الحرام 1440 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

عورتن کي هراسان ڪرڻ خلاف تحفظ واري قانون جي منظوري……. هڪ ساراهه جوڳو عمل

سنڌ ڪابينا عورتن کي ڪم ڪرڻ واري هنڌ هراسان ڪرڻ خلاف تحفظ واري وفاقي حڪومت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے