21 اتوار , اکتوبر 2018

ايشيا ڪپ: ڀارت خلاف پاڪستان جا ٻئي اوپنر ٽن رنسن تي پويلين روانا

دبئي ( اسپورٽس نيوز ) ايشيا ڪپ جي سڀ کان وڏي ٽاڪري ۾ پاڪستان ڀارت خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ جاري آهي. دبئي انٽرنيشنل اسٽيڊيم ۾ پاڪستان جي ڪپتان سرفراز احمد ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ و فيصلو ڪيو. پاڪستان طرفان اننگز جي شروعات هانگ ڪانگ خلاف ففٽي اسڪور ڪندڙ امام الحق ۽ فخر زمان ڪئي پر ٽئين اور ۾ امام الحق ٻه رنسون ٺاهي ڀونيشور ڪمار جي بال تي وڪيٽن پٺيان ڪئچ آئوٽ ٿي ويو. ڀونيشور ڪمار پنجين اور ۾ پاڪستان جي ٻئي اوپنر فخر زمان کي به ڪئچ آئوٽ ڪرايو، فخر 9 بالن کيڏي کاتو کولڻ بنا آئوٽ ٿيو.پاڪ-ڀارت مئچ لاءِ ڪرڪيٽ جا ديوانا بي صبري سان انتظار ڪري رهيا آهن ۽ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سخت مقابلي جي اميد رکن ٿا . مئچ جون سموريون ٽڪيٽون اڳ کي وڪرو ٿي چڪيون آهن ۽ اڄ دبئي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ هائوس فل آهي. پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ سٺي مقابلي جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.ڀارت خلاف ميچ لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ ڪا به تبديلي ناهي ڪئي وئي ڀارت خلاف قومي ٽيم قومي ٽيم ۾ فخر زمان، امام الحق، بابر اعظم، شعيب ملڪ، ڪپتان سرفراز احمد، آصف علي، فهيم اشرف، شاداب خان، حسن علي، محمد عامر ۽ عثمان خان شنواري تي ٻڌل آهي.ڀارتي ٽيم ۾ ڪپتان روهت شرما، شيکر ڌون، امباتي رائيڊو، دنيش ڪارٿڪ، مهندرا سنگهه ڌوني، ڀونيشور ڪما، شاردل ٺاڪر، ڪُلديب ياديو، خليل احمد، يزويندرا چاهل تي مشمتل ٿي سگهي ٿي. گذريل سال چيمپئنز ٽرافي بعد ٻئي ٽيمون اڄ پهريون ڀيرو آمهون سامهون ٿي رهيون آهن، هن وقت ڀارتي ٽيم جي قيادت ڪندڙ ورات ڪوهلي ٽيم جو حصو ناهي جڏهن ته سندس غيرموجودگي ۾ روهت شرما قيادت جا فرض انجام ڏيندو. گذريل ڏينهن کيڏيل مئچ ۾ ڀارت هانگ ڪانگ کي 26 رنسن تان شڪست ڏني پر هانگ ڪانگ طرفان پهرين وڪيٽ تي 174 رنسن جي ڀائيواري مخالف ٽيم تي سخت دٻاءَ وڌو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبن ۾ اتفاق راءِ سان ئي آبي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا: سرتاج عزيز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ناليواري اقتصاديات جي ماهر سرتاج عزيز چيو آهي ته صوبن اتفاق رائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے