20 ہفتہ , اکتوبر 2018

ڏکڻ ۽ اتر ڪوريا پاران خطي کي ايٽمي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ تي اتفاق

South and North Korea agreed to eradicate the region from nuclear weaponsپيانگ يانگ ( ويب ڊيسڪ ) ڏکڻ ۽ اتر ڪوريا جي سربراهن عالمي مبصرن جي موجودگي ۾ خطي کي ايٽمي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو ،ڏکڻ ڪوريا جي  صدر مون جي ان ۽ اتر ڪوريا جي سربراهه صدر ڪم جونگ ان سان اهم ملاقات ڪئي ۽  ٻنهي اڳواڻن خطي جي سڪيورٽي صورتحال سميت ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون. ون ٽو ون ملاقات ۾ بعد ٻنهي اڳواڻن گڏيل معاهدن تي صحيحون ڪيون ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ملٽري معاهدو خطي ۾ خطرن کي ختم ڪرڻ ۽ امن طرف اهم قدم آهي. ان موقعي تي ڏکڻ ڪوريا جي صدر مون جي ان چيو ته جنگ جي خاتمي واري دور جي شروعات ٿي چڪي آهي جڏهن ته اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جون ان جلد ڏکڻ ڪوريا جو دورو ڪرڻ جو به اعلان ڪيو. ڏکڻ ڪورين صدر چيو ته آمريڪاجي کنيل قدمن جي جواب ۾ اتر ڪوريا پنهنجو نيو ڪليئر ڪمپليڪس” هونگ بيون“ به بند ڪري ڇڏيندو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪشيدگي ۾ گهٽتائي، ريل رابطا قائم ڪرڻ، صحت وارن شعبن ۾ سهڪار ۽ جنگ ۾ متاثر ٿيندڙ خاندانن کي هڪ ٻئي سان ملائڻ بابت معاهدن تي صحيحيون ٿيون. ٻنهي ملڪن 2020 سمر وارن اولمپڪس ۾ سهڪار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو جڏهن ته 2032 جي سمر اولپمڪس جا حق حاصل ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو. ڪوريائي ميڊيا موجب اتر ڪوريا جو آرٽ ٽروپ ايندر مهيني ڏکڻ ڪوريا ۾ فن جو مظاهرو ڪندو ۽ اتر ڪوريا جو سربراهه ڪم جونگ ان هلندڙ سال ئي ڏکڻ ڪوريا جو دورو ڪري سگهي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

COAS, Qatari foreign minister discuss regional security

آرمي چيف  جنرل قمر جاويد باجوا  سان قطري  نائب وزير اعظم ۽ پرڏيهي وزير جي ملاقات

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)آرمي چيف  جنرل قمر جاويد باجوا سان قطري پرڏيهي وزير ۽ نائب وزير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے