17 ہفتہ , نومبر 2018

نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر اڊيالا جيل مان آزاد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ايون فيلڊ ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، سندس ڌيءُ مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر جي سزا معطل ڪرڻ کانپوءِ کين اڊيالا جيل مان آزاد ڪيو ويو.  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان آزادي جو حڪم ملندي ئي شهباز شريف، جنيد صفدر ۽ ٻيا اڳواڻ اڊيالا جيل پهتا، جڏهن ته ڪارڪنن جو پڻ وڏو انگ جيل پهتو ۽ نواز شريف جي حق ۾ نعريبازي ڪئي وئي. نواز شريف جي آزادي کي نظر ۾ رکندي ن ليگ اڳواڻ جاويد هاشمي، مرتضيٰ عباسي، سردار نسيم خان سميت ٻيان به جيل ٻاهران گڏ ٿيا. آزادي جو حڪم ايندي ئي ن ليگ ڪارڪنن خوشي جو اظهار ڪندي مٺائي ورهائي. طارق فضل چوڌري هاءِ ڪورٽ طرفان جاري ڪيل حڪم اڊيالا جيل کڻي پهتو هو، جنهن کانپوءِ نواز شريف، مريم ۽ صفدر کي آزاد ڪيو ويو، جڏهن ته اڳوڻي وزيراعظم وڃڻ کان اڳ جيل عملي سان ملاقات ڪئي. اڊيالا جيل اختيارين موجب نواز شريف، سندس ڌيءُ ۽  ڪيپٽن (ر) صفدر کي سخت سيڪيورٽي ۾ جيل جي گيٽ نمبر 1 کان ٻاهر ڪيو ويو پر راولپنڊي ۽ خاص طور جيل ٻاهران ڪارڪنن جي وڏي انگ سبب روڊ بلاڪ ٿيڻ جي ڪري نواز شريف جي گاڏين کي ڪجهه دير لاءِ جيل ۾ ئي روڪيو ويو. ان کان اڳ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، سندس نياڻي مريم نواز  ۽ ناٺي ڪيپٽن(ر ) محمد صفدر جي سزا معطل ڪندي کين آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس ميان گل حسن ارونگزيب تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. اڄ ٿيندڙ ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر اڪرم قريشي پنهنجا دليل مڪمل ڪيا ته نواز شريف جي وڪيل خواجا حارث مختصر جوابي دليل ڏنا، جنهن بعد عدالت فيصلو محفوظ ڪيو. ٽي ٿيندي ئي جسٽس اطهر من الله فيصلو ٻڌائيندي نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) محمد صفدر کي احتساب عدالت طرفان ڏنل سزائون معطل ڪري ڇڏيو ۽ کين آزاد ڪرڻ جو به حڪم جاري ڪيو. عدالت فيصلي ٻڌائيندي چيو ته احتساب عدالت جو فيصلو ۽ سزائون معطل ڪيون وڃن ٿيون، جنهن جا سبب بعد ۾ تفصيلي فيصلي ۾ ڏنا ويندا. عدالت طرفان نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن ريٽائرڊ صفدر جي اپيلن جي فيصلي تائين سزائون معطل ڪيون ويون آهن، جڏهن ته عدالت ٽنهي شخصيتن کي 5،5 لک رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو. واضح رهي ته اسلام آباد جي احتساب عدالت جي نمبر هڪ جي جج بشير هلندڙ سال 6 جولائي تي ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نواز شريف کي گڏيل طور تي 11 سال قيد ۽ ڏنڊ، مريم نواز کي گڏيل طور تي 8 سال قيد ۽ ڏنڊ ۽ ڪيپٽن ريٽائرڊ محمد صفدر کي هڪ سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي. عدالتي فيصلي بعد عدالت جي ڪمري ۾ موجود مسلم ليگ ن جي اڳواڻن نواز شريف جي حق ۾ نعريبازي ڪئي ۽ هڪ ٻئي کي واڌيون پڻ ڏنيون. نيب پراسيڪيوٽر اڪرم قريشي حتمي دليل ڏيندي چيو ته ڪيس ۾ مخصوص حالتون اهي آهن ته هنن گلف اسٽيل مل 1978 ۾ وڪرو ڪئي، جوابدارن موجب طارق شفيع ۽ عبدالله قائد آهلي جي وچ ۾ وڪري جو معاهدو ٿيو ۽ اهو موقف سپريم ڪورٽ ۾ داخل درخواستن تي اختيار ڪيو ويو هو. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته جوابدار چون ٿا ته 1980 ۾ وڌيڪ 25 سيڪڙو شيئر وڪرو ٿيا ۽ وڪري مان حاصل 12 ملين درهم قطري شهزادي وٽ سيڙپڪاري ۾ استعمال ٿيا ۽ ان مان ايون فيلڊ پراپرٽي خريد ڪئي وئي. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته جوابدار موجب لنڊن فليٽس جي خريداري لاءِ  رقم جي بنياد اهي 12 ملين درهم آهن ۽ جاچ دوران معلوم ٿيو ته وڪري جو معاهدو ڪوڙو آهي ۽ اهڙو ڪو به رڪارڊ دبئي واري رڪارڊ ۾ موجود ئي ناهي. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته دبئي حڪومت ٻڌايو ته 25 سيڪڙو شيئرن جي وڪري جو معاهدو هنن وٽ ناهي. نيب پراسيڪيوٽر دليلن دوران چيو ته مريم نواز جي طرفان سپريم ڪورٽ ۾ متفرق درخواست ذريعي هڪ موقف اختيار ڪيو ويو ته هنن سپريم ڪورٽ ۾ سي ايم اي نمبر 7531 ذريعي دستاويز جمع ڪرايا جنهن ۾ قطري خاندان سان ڪاروباري معاملن جو ذڪر ڪيو ويو. اڪرم قريشي چيو ته اسان وٽ به اهو ئي موقف اختيار ڪيو ويو ته لنڊن فليٽن جي رقم گلف اسٽيل مل مان آئي جنهن تي جسٽس گل حسن ارونگزيب سوال ڪيو ته اسان وٽ ڇا مطلب؟، جوابدار تي پيش ئي ناهن ٿيا. جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته جي آءِ ٽي ۾ جوابدارن جو اهو موقف هو جنهن تي جسٽس گل حسن چيو ته توهان جي آءِ ٽي ناهيو، جي آءِ ٽي ۽ نيب ۾ وڏو فرق آهي. نيب پراسيڪيوٽر اڪرم قريشي چيو ته مريم نواز جي ملڪيت لڪائڻ لاءِ جعلي ٽرسٽي ڊيڊ بڻائي وئي جنهن تي جسٽس گل حسن سوال ڪيو ته توهان چئو ٿا ته نواز شريف مريم جي نالي تي فليٽ بڻايا جنهن تي هن ها ۾ جواب ڏنو، لنڊن فليٽن جو اصل مالڪ نواز شريف هو. جنهن تي جسٽس اطهر من الله نيب پراسيڪيوٽر کي چيو ته وري پوءِ نواز شريف جي ملڪيت جو ڪو ثبوت ٻڌايو، اسان ڪيئن مڃون، توهان جي ايڏي وڏي جاچ بعد  نواز شريف جو فليٽن سان ڪو به تعلق نٿو جُڙي، نواز شريف ته ڪٿي به نظر نٿو اچي.جسٽس اطهر من الله چيو ته توهان جاچ سان نواز شريف جو تعلق  جوڙي ناهيو سگهيا ته اسان ڪيئن مڃون. نيب جي وڪيل چيوته 2012 ۾ مريم نواز انهن فليٽن جي بينفشل اونر هئي ۽ بعد ۾ هڪ جعلي ٽرسٽ ڊيڊ بڻائي ٽرسٽي بڻي، ان ٽرسٽ ڊيڊ ۾ ڪيليبري فونٽ جو استعمال ٿيو جيڪو ان وقت دستياب ئي نه هو ۽ ٽرسٽ ڊيڊ ۾ تاريخون پڻ بدلايون ويون. ان موقعي ته جسٽس ميان گل حسن سوال ڪيو ته مڃو ٿا ته مريم جعلي دستاويز پيش ڪيا، اهو ٻڌايو ته ذريعن سان وڌيڪ آمدني تي سزا ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ ان تي نيب پراسيڪيوٽر چيوته ڪڏهن هوڏانهن به سوال پڇي وٺو، سڀ سوال مونکان ئي پڇڻا آهن جنهن تي عدالت چيو ته دليل توهان جا آهن ۽ سوال به توهان کان ئي ٿيندو. عدالت سوال ڪيو ته 1993 ۾ مريم نواز جي عمر ڪيتري هئي جنهن اڪرم قريشي ٻڌايو ته ان وقت مريم جي عمر 20 سال هئي. عدالت سوال ڪيو ته توهان جو موقف آهي ته 1993 ۾ نواز شريف لنڊن فليٽ خريد ڪيا ته مريم نواز تي آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو ڪيس ڪيئن ٺهيو، توهان جو ڪيس آهي ته مالڪ مريم نواز نه پر نواز شريف آهي. جنهن نيب پراسڪيوٽر جواب ڏنو ته جي مان اهو ئي چئي رهيو آهيان ته مالڪ مريم نواز نه پر نواز شريف آهي، اهو مان نٿو چوان اهو قانون ٿو چئي. عدالت سوال ڪيو ته توهان چئو ٿا ته انهن ٻارن جي ڏاڏي جو اُتي ڪوئي ڪاروبار نه هو جنهن تي اڪرم قريشي چيو ته اهو انهن جو موقف آهي ته طارق شفيع سندن ڏاڏي جو ڪاروباري سنڀالي رهيو هو. جسٽس اطهر من الله سوال ڪيو ته ڇا ڪو اهڙو رڪارڊ آهي جنهن سان نواز شريف جو ڪنهن به حيثيت ۾ ڪردار ثابت ٿي سگهي، ڇا رڳو مفروضي جي بنياد تي سزا ٿي سگهي ٿي جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته شهادت وارو قانون ته ائين ڪرڻ جو چئي ٿو، مان سپريم ڪورٽ جو فيصلو به ٻڌايو آهي جنهن تي جسٽس اطهر من اها منارٽي ججمنٽ آهي. اڪرم قريشي چيو ته شهادت واري قانون جا اصول عام ڪيس ۾ مختلف جڏهن ته هن ڪيس ۾ مختلف آهن. جسٽس اطهر من الله سوال ڪيو ته ڇا سپريم ڪورٽ جو قانون عمل جي قابل ناهي، آمدني وارن ذريعن جو چارٽ ڪٿي آهي، ڇا مان لکي ڏيان ته هن ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جو قانون لاڳو نٿو ٿئي  جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته لکي ڇڏيو ته هن ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ لا لاڳو نٿو ٿئي. نيب پراسيڪيوٽر اڪرم قريشي پنهنجن دليل مڪمل ڪيا جنهن بعد ايڊيشنل پراسيڪيوٽر جنرل جهانزيب ڀروانا مختصر دليلن جي استدعا ڪئي ۽ چيو ته مريم نواز جي پيش ڪيل ٽرسٽ ڊيڊ جعلي قرار ڏني وئي جيڪا ڪٿي رجسٽرڊ ناهي ۽ اها ٽرسٽ هن پاڻ پيش ڪئي آهي جڏهن ته جي آءِ ٽي کي خاص ڪردار قرار ڏنو ويو آهي. جسٽس اطهر من الله ايڊيشنل پراسيڪيوٽر جنرل کان سوال ڪيو ته  ڇا توهان اڪرم قريشي جي حمايت ڪيو ٿا اهو فرسٽ امپريشن وارو ڪيس آهي، ان ۾  رائج اصول لاڳو ناهن ٿيندا. جنهن تي جسٽس جهانزيب ڀروانا چيو ته جي اهو فرسٽ امپريشن وارو ڪيس آهي جسٽس اطهر من الله سوال ڪيو ته آمدني وارن ذريعن جو چارٽ ڪنهن تيار ڪيو هو، چارٽ ٺاهيندڙ ڪٿي آهي، جيڪڏهن اهو اچي ها ته آڏي پڇا ڪيون ها ته چارٽ ڪيئن ٺاهيو ويو.جسٽس ميان گل سوال ڪيو ته هن ڪيس ۾ ايتري جلد ڇاهي، اهو ڪيس نيب جي پراسڪيوٽر جنرل ذريعي وڙهيو پيو وڃي.جسٽس اطهر من الله چيو ته مريم جو سهڪار ته تڏهن ٿئي ها جڏهن ملڪيت خريداري ۾ ڪو ڪردار هجي ها جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته ملڪيت جي قيمت لازمي شرط ناهن، فليٽ موجود آهن، لائيف اسٽائل سامهون آهي ۽ ميڊيا انٽرويوز به موجود آهن، پراسيڪيوٽر جا دليل مڪمل ٿيڻ تي خواجا حارث مختصر جوابي دليل ڏنا جنهن بعد عدالت سزا جي معطلي واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو ۽ ٽئين وڳي ٻڌايو. ياد رهي ته اڳوڻي وزيراعظم اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس نياڻي مريم نواز 13 جولائي تي لنڊن کان وطن واپس اچي گرفتاري ڏني هئي. جنهن کانپوءِ ٽنهي ڄڻن سزائون خلاف 16 جولائي تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو دروازو کڙڪايو .اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس ميان گل حسن ارونگزيب 5 ٻڌڻين ۾ صفائي واري وڪيل ۽ نيب جو موقف ٻڌو. ان دوران غيرضروري التوا تي عدالت نيب تي 10 هزار ڏنڊ پڻ هنيو هو. ٻڌڻي بعد هاءِ ڪورٽ 20 آگسٽ کان سزا جي معطلي تي فيصلو  ملتوي ڪري ڇڏيو. عدالتي موڪلن بعد درخواستن جي نئين سري سان ٻڌڻي شروع ڪرڻ جو فيصلو ٿيو ۽ اعليٰ عدالت ڌرين کي ثبوت ۽ ميرٽس کان هٽي ڪري احتساب عدالت جي فيصلي تي سرسري دليل ڏيڻ جي هدايت ڪئي. ٻئي پاسي نيب سزا معطلي وارين درخواستن جي پهرين ٻڌڻي بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو، جڏهن ته سپريم ڪورٽ پٽيشن رد ڪري ڇڏي ۽ عدالتي وقت ضائع ڪرڻ تي نيب تي 20 هزار رپيا ڏنڊ پڻ هنيو. گذريل ڏينهن ٻڌڻي بعد اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس اطهر من الله لکت ۾ حڪم جاري ڪيو ته جيڪڏهن ته شريف خاندان جي سزا معطلي وارين درخواستن تي نيب پراسيڪيوٽر جا دليل سڀاڻي(19 سپٽمبر تي) اڌ ڪلاڪ ۾ مڪمل نه به ٿيا ته فيصلو ٻڌايو ويندو. ۽ هاڻ اڄ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ان درخواستن تي ستين ٻڌڻي بعد فيصلو ٻڌائي رهي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيب ڊاڪٽر مجاهد ڪامران جي الزامن جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو نيب اڳوڻي پنجاب يونيورسٽي جي وائس چانسلر ڊاڪٽر مجاهد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے