20 ہفتہ , اکتوبر 2018

ايف آءِ اي طرفان پرڏيهه ۾ پاڪستانين جي 2700 ملڪيتن جو انڪشاف

CJP, Sukkur, NAB,اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر جنرل بشيرميمڻ سپريم ڪورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته پرڏيهه ۾ پاڪستانين جي 2700 ملڪتيون جو پتو لڳايو ويو آهي. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئنچ پرڏيهه ۾ پاڪستانين جي اثاثن ۽ بئنڪ اڪائونٽن بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي جاري آهي. ٻڌڻي شروع ٿي ته اٽارني جنرل انور منصور خان پرڏيهي اثاثن جي واپسي جي حوالي سان حڪومتي اڳڀرائي جي رپورٽ پيش ڪئي ۽ ٻڌايو ته برطانيا سان ڏوهاري جي حوالگي جو معاهدو ٿيو آهي. چيف جسٽس اٽارني جنرل کي هدايت ڪئي ته پرڏيهي ملڪ 15 کان 20 وڏا اثاثا رکندڙ پاڪستانين کان جاچ ڪري اڳڀرائي رپورٽ فراهم ڪري. ان موقعي تي ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ انڪشاف ڪيو ته پرڏيهي ملڪ پاڪستانين جون 2700 ملڪيتن جو پتو لڳايو ويو آهي جڏهن ته اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر طارق باجوا عدالت کي ٻڌايو ته دبئي ۾ 550 ڄڻن وڏيون ملڪتين جا مالڪ آهن. چيف جسٽس پاڪستان آبزرويشن ڏني ته منهنجي اندازي موجب پاڪستانين جون هزار ارب رپين کان وڌيڪ ملڪتيون دبئي ۾ آهن. جيڪي 550 ماڻهو آهن انهن مان 15، 20 ماڻهن کي عدالت گهرائي ٿا وٺون.ڪنهن سان زور زبردستي نه ڪنداسين، آرٽيڪل 4 ڪا پابند آهيون. چيف جسٽس پاڪستان چيو ته سمورن ماڻهن سان ملڪي قانون تحت سلوڪ ڪيو ويندو، اسان جي حڪم سان ڪو به خوف پکرڻ جو خدشو آهي ته حڪومت پاڻ ڪاروائي ڪري، اسان ته رضاڪاراڻي طور ڪم ڪري رهيا آهيون. جسٽس ثاقب نثار مني لانڊرنگ ۽ اسمگلنگ تي روڪٿام نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اٽارني جنرل انور منصور خان کان سوال ڪيو ته اهو ٻڌايو ته اڄ تائين اسمگلنگ ڇو ناهي رڪي سگهي، سموريون بازارون اسمگل ٿيل شين سان ڀريون پيون آهن. اٽارني جنرل چيو ته مني لانڊرنگ ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ پهريون ڀيرو سنجيدا نموني قانون سازي ڪئي پئي وڃي، مني لانڊرنگ ذريعي رقم منتقلي ڪندڙ 44 اينجٽن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، اٽارني جنرل انور منصور خان موجب ڪراچي، لاهور، ملتان، پشاور ۽ فيصل آباد ۾ جلد ڪاروائيون ڪيون وينديون، حڪومت ٽاسڪ فورس جوڙي ڇڏي آهي جيڪا تيزي سان ڪم ڪري رهي آهي.ڊي جي ايف آءِ اي چيو ته حڪومت جي ٽاسڪ فورس تحت ڪاورائي ڪرڻ سان حڪومت جي اونرشپ به ٿي وڃي ٿي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته حڪومت جي سموري اونرشپ حڪومت کي ڏيو اسان ڪڏهن چيو ته اونرشپ اسان کي وٺڻي آهي، اسان کي انهن ماڻهن جي فهرست ڏيو جيڪي پاڪستان جو پيسو ٻاهر کڻي ويا آهن. چيف جسٽس چيو ته آرٽيڪل4/183 اسان کي اختيار ڏئي ٿو ته عوامي مفادن ۾ اهڙن ماڻهن خلاف ايڪشن کڻو، حڪومت اهڙن ماڻهن خلاف ايڪشن کڻڻ شروع ڪري. اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته برطانيا ۾ گرفتار شخص 250 ملين ڊالرن سڌو سنئون دبئي کان برطانيا منتقل ڪيا، برطانيا سان ٿيندڙ معاهدو اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڏيندو. چيف جسٽس چيو ته برطانيا سان معاهدو ٿيو ان ڪيئي مشڪلاتون پڻ آهن، حڪومت مني لانڊرنگ ذريعي پيسن جي منتقلي جي خلاف ڪهڙا قدم کنيا آهن جنهن تي اٽارني جنرل ٻڌايو ته 44 گرفتار ڪيلن وٽان 119 ملين رپين جي رقم برآمد ڪئي آهي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر چيو ته عدالت ٿوڙو صبر ڪري انشاءَ الله ڪاڪردگي ڏيکارينداسين. ڊي جي ايف آءِ اي چيو ته حلفي بيان بعد ڪاروائي کي اڳتي وڌائينداسين، عدالت اڳڀرائي لاءِ هڪ مهيني جي مهلت ڏي، جنهن تي عدالت ڊي جي ايف آءِ اي جي استدعا تي 15 ڏينهن جي مهلت ڏئي ڇڏي . سپريم ڪورٽ ايندڙ ٻڌڻي تي مني لانڊرنگ ذريعي رقم منتقلي روڪڻ  ۽ پرڏيهي ملڪن مان پسيا واپس آڻڻ بابت اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اميد آهي ته قطر جلد پاڪستانين کي روزگار ڏيڻ واري معاهدي تي عمل ڪندو: وزير اعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته اميد آهي ته قطر …