23 منگل , اکتوبر 2018

ڏهرڪي ۾ دماغي توازن درست نه هجڻ سبب نوجوان جو ماڻهن تي حملو، ڪيترائي زخمي 

ڏهرڪي(ويب ڊيسڪ)  ويجهو دماغي توازن درست نه هجڻ سبب نوجوان ڪيترن ئي واٽهڙن کي ڏاٽي سان حملا ڪري  کين زخمي ڪري ڇڏيو  جڏهن ته ڳوٺاڻن ذهني توازن وڃائي ويٺل نوجوان کي پڪڙي تشدد ڪرڻ بعد وڻ سان ٻڌي ڇڏيو. ريتي  ۾  نوجوان ارشد کنڀڙو جو دماغي توازن اوچتو خراب ٿي ويو ۽ هن ڏاٽو کڻي رستي سان ايندڙ ويندڙ ماڻهن تي ڏاٽي سان حملا ڪري ڪيترن ئي واٽهڙن کي زخمي ڪري ڇڏيو .نوجوان لڳ ڀڳ ڏاٽي سان حملا ڪري ويهه واٽهڙن کي زخمي ڪري ڇڏيو جن کي ريتي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ڳوٺاڻن همت ڪري نوجوان کي پڪڙي تشدد ڪرڻ بعد وڻ سان ٻڌي ڇڏيو جڏهن ته پوليس کي پڻ اطلاع ڏنو ويو آهي ….

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي: سڄي صوبي ۾ اڄ کان ٽيڪس ادا نه ڪندڙ گاڏين خلاف ڪارروائي جو آغاز

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت سڄي صوبي ۾ اڄ کان ٽيڪس ادا نه ڪندڙ گاڏين جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے