21 اتوار , اکتوبر 2018

ننڍي چونڊ : بيلٽ پيپرن جي ڇپائي لاءِ اليڪشن ڪميشن جون تياريون مڪمل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ننڍي چونڊ لاءِ بيلٽ پيپرن جي ڇپائي لاءِ تياريون مڪمل ڪري ورتيون. تفصيل موجب قومي اسمبلي جي 11 ۽ صوبائي اسمبلي جي 25 تڪن ۾ پولنگ 14 آڪٽوبر تي شيڊول آهي جنهن لاءِ بيلٽ پيپرن جي ڇپائي يوم عاشور بعد شروع ٿيندي. ننڍي چونڊ لاءِ بيلٽ پيپر سرڪاري پرنٽنگ پريس تي ڇاپيا ويندا جنهن جي نگراني رينجرز ۽ ايف سي ذمي هوندي. اليڪشن ڪيمشن اختيارين جو چوڻ آهي ته 36 تڪن لاءِ 95 لک بيلٽ پيپر ڇاپيا ويندا جنهن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان لاءِ 11 لک، ڪي پي ڪي جي تڪن لاءِ 17 لک جڏهن ته پنجاب ۽ اسلام آباد لاءِ 67 لک بيلٽ پيپرن جي ڇپائي ٿيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبن ۾ اتفاق راءِ سان ئي آبي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا: سرتاج عزيز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ناليواري اقتصاديات جي ماهر سرتاج عزيز چيو آهي ته صوبن اتفاق رائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے