21 جمعرات , فروری 2019

العزيزيه ريفرنس: خواجا حارث ۽ نيب پراسڪيوٽر وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) احتساب عدالت ۾ العزيزيه اسٽيل مل ريفرنس جي ٻڌڻي دوران اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي وڪيل ۽ نيب پراسيڪيوٽر مظفر عباسيءَ وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي. احتساب عدالت نمبر 2 جو جج ارشد ملڪ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف نيب ريفرنس جي ٻڌڻي ڪري رهيو آهي. ٻڌڻي  دوران نواز شريف کي سخت سيڪيورٽي ۾ اڊيالا جيل کان احتساب عدالت آندو ويو. ٻڌڻي جي شروعات تي نواز شريف جي وڪيل خواجا حارث عدالت جي روبرو چيو ته اڄ پاناما جي آءِ ٽي جي سربراهه واجد ضياءَ کان آڏي پڇا مڪمل ڪرڻ لاءِ چيوويو آهي، پر اهو ان صورت ۾ ممڪن هوندو جيڪڏهن سڄو ڏينهن ملندو. خواجا حارث وڌيڪ چيو ته نيب ڪالهه به هاءِ ڪورٽ ۾ دليل مڪمل نه ڪيا ۽ اڄ تائين وڌيڪ مهلت گهر ورتي، اڄ وري هاءِ ڪورٽ وڃڻو آهي، ان لاءِ آڏي پڇا بجاءِ ايم ايل اي سان لاڳاپيل درخواست تي دليل ٻڌي وٺو. جنهن تي احتساب عدالت جي جج چيو ته توهان آڏي پڇا شروع ڪيو، جيتري آڏي پڇا ٿئي ٺيڪ، باقي هاءِ ڪورٽ کان واپسيءَ تي ڪري وٺو.ان موقعي تي نيب پراسيڪيوٽر سردار مظفر عباسي اعتراض واريندي چيو ته خواجا حارث اڍائي مهينن کان هڪ ئي شاهد تي جرح ڪري رهيو آهي. جنهن تي خواجا حارث چيو ته خبر نٿي پئي هيءُ ڀوڳ ڪري رهيو آهي يا سنجيدا آهي؟  خواجا حارث جو وڌيڪ چوڻ هو ته هي پاڻ جرح ۾ دير جو سبب بڻجي رهيا آهن، ڪڏهن بناجواز اعتراض ڪندا آهن ڪڏهن سپريم ڪورٽ ڀڄي ويندو آهن. هن چيو ته نيب منهنجي آڏي پڇا جو حق ختم ڪرڻ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي،  جيڪڏهن عدالت سمجهي ٿي ته آڏي پڇا غيرضروري آهي ته سندس زباني درخواست تي ان کي حق ختم ڪري ڇڏي. جنهن تي نيب جي وڪيل سردار مظفر عباسي چيو ته خواجا صاحب ڪاوڙ ڪري رهيو آهي. جنهن تي خواجا حارث چيو ته مان ڪاوڙ ناهيان ڪري رهيو پر نيب جي ڳالهه مڃڻ جو چئي رهيو آهيان. هن نيب جي وڪيل سردار مظفر عباسي ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته اهو ٻن هفتن بعد اچتو عدالت آيو آهي ۽ کيس هدايتون ڏئي موڪليو ويو آهي. ان موقعي تي احتساب عدالت جي جج چيو ته مان وڃان ٿو، توهان هتي وڙهي وٺو، جج ارشد ملڪ وڌيڪ چيو ته هاڻ ميڊيا ۾ به اهي ڳالهيون هلي رهيو آهن ته آڏي پڇا کي ايترا ڏينهن گذري ويا آهن. جنهن تي خواجا حارث چيو ته جيڪڏهن ته توهان ميڊيا کان متاثر ٿيڻو آهي ته پوءِ ڪيس ڇڏي ڏيو. نيب پراسيڪيوٽر ان موقعي تي چيو ته هاءِ ڪورٽ ۾ خواجا حارث جا دليل ته مڪمل ٿي چڪا آهن، هاڻ نيب جا دليل باقي آهن. جنهن تي خواجا حارث سوال ڪيو ته هاڻ مونکي اهو ٻڌايو ته مان هاءِ ڪورٽ وڃان يان نه؟ جوابي دليل يا عدالتي سوال تي جواب ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته مان ان صورتحال بعد ان پوزيشن ۾ ناهيان ته اڄ ڪيس هلائي سگهان. ان تي نيب جي وڪيل چيو ته اها ته پوءِ بليڪ ميلنگ هوندي ته ڪيس توهان جي مرضي موجب هلندو. جنهن تي احتساب عدالت جي جج خواجا حارث کي چيو ته توهان ڏهه منٽن جو وقفو ڪري اچو، اسان ٻڌڻي ۾ وقفو ڪيون ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارتي فوجي مارجڻ جو هڪ ٻيو واقعو…

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست هماچل پرديش ۾ فوجي ڪئمپ تي برفاني ڇِپ ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے