24 بدھ , اکتوبر 2018

اسحاق ڊار کي يونيورسٽي جي بورڊ آف گورنرز جي سربراهي تان هٽائڻ جو حڪم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ اسحاق ڊار کي يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز لاهور جي چيئرمين بورڊ آف گورنرز واري عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز لاهور بابت پاڻمرادي نوٽيس واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران عدالت ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير وزير اسحاق ڊار کي يونيورسٽي جي بورڊ آف گورنرز جي چيئرمين واري عهدي تان هٽائڻ ۽ پنجاب حڪومت کي ٽن ڏينهن اندر بورڊ آف گورنرز جو نئون چيئرمين مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته بورڊ آف گورنرز جي چيئرمين اسحاق ڊار ملڪ مان روپوش آهي ۽ عدالت کيس اشتهاري قرار ڏئي ريڊ وارنٽ جاري ڪري چڪي آهي.  جسٽس ثاقب نثار چيوته قانون تحٽ يو ايڇ ايس جي بورڊ آف گورنرز جي گڏجاڻي هر ٻن سالن بعد ٿيڻ گهرجي پر 2016 کان هن وقت تائين ڪو به اجلاس ناهي ٿيو، بورڊ آف گورنرز جي چيئرمين جي غيرموجودگي ۾ بورڊ غيرفعال آهي. عدالت ان معاملي تي پرڏيهي وزارت سميت ٻين اسٽيڪ هولڊرن کان جواب طلب ڪندي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. ياد رهي ته اسلام آباد جي احتساب عدالت آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ريفرسن ۾ اسحاق ڊار کي اشتهاري قرار ڏئي چڪي آهي ۽ هو گذريل سال کان لنڊن ۾ مقيم آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نهال هاشمي جي بيان خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ نهال هاشمي جي پاڪ فوج خلاف بيان تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے