21 اتوار , اکتوبر 2018

سرڪاري اسپتالن ۾ کدڙن فقيرن جو الڳ وارڊ، پنجاب جي صحت واري کاتي کان تجويزون طلب

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ کدڙن فقيرن لاءِ سرڪاري اسپتالن ۾ الڳ وارڊن لاءِ پنجاب جي صحت کاتي کان تجويزون طلب ڪري ورتيون. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس علي اڪبر قريشي، ايڊووڪيٽ اشتياق چوڌري طرفان کدڙن فقيرن لاءِ سرڪاري اسپتالن ۾ الڳ وارڊن جي حوالي سان داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.  ٻڌڻي دوران لاهور هاءِ ڪورٽ رمارڪس ڏنا ته کدڙا فقير به الله تعاليٰ جي مخلوق آهن ۽ ڪنهن جي  به گهر ۾ کدڙو فقير پيدا ٿي سگهي ٿو. لاهور هاءِ ڪورٽ وڌيڪ چيو ته کدڙن فقيرن لاءِ سمورين اسپتالن ۾ هڪ ڪمرو مخصوص ڪيو وڃي. ان سان گڏ ئي اعليٰ عدالت پنجاب جي صحت کاتي کان 26 سپٽمبر تائين کدڙن فقيرن کي طبي سهولتن جي فراهمي جي تجويز جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. لاهور هاءِ ڪورٽ پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته 30 سپٽمبر کان اڳ  ان تي عملدرآمد ٿيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف سان قانوني صلاحڪارن جي ملاقات، ٻڌڻي هيٺ ڪيسن تي مشورا

جاتي امرا ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پنهنجي قانوني صلاحڪارن سان احتساب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے