16 منگل , اکتوبر 2018

ڀارت سان ڪرتار پورا سرحد کولڻ جي حوالي سان رابطو ناهي ٿيو: ڊاڪٽر فيصل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڪرتارپورا سرحد کولڻ تي باضابطا رابطو ناهي ٿيو. پرڏيهي آفيس ۾ هفتوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن تي ردعمل ۾ چيو ته ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي بربريت جاري آهي، وڌيڪ 14 ڪشميرن کي قتل ڪيو ويو، ڀارتي فوج خالي هٿين ڪشميرن تي ظلم  جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي.  پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي افغانستان جي تازي دوري تي ترجمان چيو ته پرڏيهي وزير جو دورو مثبت رهيو، جلال آباد قونصل خانو کولڻ بابت ڳالهيون ٿيون آهن، سيڪيورٽي ملڻ بعد قونصل خانو کوليو ويندو ۽ اميد آهي ته تمام جلد سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي جڏهن ته پاڪ-افغان گڏيل ميڪنزم وارو اجلاس آڪٽوبر جي ٻئي هفتي ۾ ٿيندو. پاڪ چين تعلقات تي ڊاڪٽر فيصل چيو ته چين سان گڏ هر موضوع تي سدائين ڳالهيون ٿينديون آهن، چيني پرڏيهي وزير جي دوري ۾ والاريل ڪشمير جي حوالي سان به ڳالهيون ٿيون. هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ هو ته ڪرتارپورا بارڊر کولڻ تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ باظابطا رابطو ناهي ٿيو. ڊاڪٽر فيصل ٻڌايو ته گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي اجلاس جي موقعي تي پاڪ-ڀارت پرڏيهي وزيرن جي ملاقات جي باري ۾ فيصلو ناهي ٿي سگهيو پر ملاقات لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي سطح تي ڳالهيون جاري آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر فيصل چيو ته وزيراعظم جي پاڪ-ڀارت مئچ ۾ شرڪت جي حوالي سان علم ناهي. وزيراعظم جي سعودي عرب جي دوري تي سندس چوڻ هو ته سعودي عرب سان امدادي پيڪيج جي حوالي سان علم ناهي، ان بابت وزيراعظم جي دوري جي پڄاڻي تي تفصيل کان آگاهه ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صحافين، ايڊيٽرن ۽ ميڊيا جي شعبن سان لاڳاپيل ڪارڪنن جي فوري مدد لاءِ سي پي اين اِي جي هيلپ لائن جو افتتاح

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اِي) پاران صحافين، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے