21 اتوار , اکتوبر 2018

نواز شريف جي سزا کيس اليڪشن مان ٻاهر ڪرڻ ۽ عمران خان کي ڪامياب ڪرائڻ هو: احسن اقبال

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته نواز شريف جي سزا کيس چونڊ ميدان مان ٻاهر ڪرڻ ۽ عمران خان جي ڪامياب ڪرائڻ هو هو. عدالتي فيصلي بعد اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته نيب جو اهو فيصلو جيڪو انتقام تي ٻڌل هو اهو معطل ٿيو آهي، اهو ٽرائل ان لحاظ کان تمام گهڻو اهم آهي، ان ٽرائل ۾ جيڪڏهن پاڪستان ۾ انڌو شخص هو ته ان کي به نظر اچي ويو آهي ته  انهن ڪيسن ۾ نه آئين آهي ۽ نه ئي قانون، ان ۾ رڳو انتقامي ۽ پري پول ڌانڌلي هئي جنهن جو مقصد  نواز شريف کي چونڊ ميدان مان ٻاهر ڪري عمران خان جي جعلي ڪاميابي لاءِ رستو صاف ڪرڻ هو. هن چيو ته عدالتي فيصلي تي پاڪستان جي عوام ۽ سڄي ملڪ ۾ ن ليگ جا ڪارڪن کي واڌايون ڏيان ٿو، اڄ الله تعاليٰ ن ليگ جي ڪارڪنن جي دعائون قبول ڪيون آهن. احسن اقبال جو چوڻ آهي ته اها نان پي سي او انصاف جي هڪ جهلڪ آهي. مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف عدالتي فيصلي بعد ٽوئيٽ ڪئي ته جنهن ۾ هن قراني آيت لکي آهي جنهن جو ترجمو ” ۽ چئو ته حق آيو ۽ باطل مٽجي ويو، بي شڪ باطل مٽجڻ وارو آهي“ ان موقعي تي خواجا آصف چيو ته عدالتي فيصلي تي الله تعاليٰ جو جيترو شڪر دا ڪيون گهٽ آهي، اڄ انصاف جي فتح ٿي آهي، نواز شريف جي چاهيندڙن کي وڌايون ڏيون ٿا. ن ليگ اڳواڻ ۽ سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير پنهنجي رد عمل ۾ چيو ته شروع کان چئي رهيا آهيون ته ڪيسن ۾ جان ناهي، انصاف ٿيندي ٿيندي دير ٿي وئي، سياسي ڪيس ٺاهيا ويا.محمد زبير جو چوڻ آهي ته هڪ ڪيس تي پوري خاندان کي ٽارگيٽ ڪيو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبن ۾ اتفاق راءِ سان ئي آبي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا: سرتاج عزيز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ناليواري اقتصاديات جي ماهر سرتاج عزيز چيو آهي ته صوبن اتفاق رائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے