20 ہفتہ , اکتوبر 2018

نواز شريف، مريم ۽ صفدر جي اصل منزل اڊيالا جيل ئي آهي: فيصل جاويد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فيصل جاويد چيو آهي ته نواز شريف، مريم نواز ۽ صفدر جي اصل منزل اڊيالا جيل آهي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ فيصل جاويد اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي ردعمل ۾ چيو ته نواز شريف، مريم نواز ۽ صفدر جي سزائون معطل ٿيون آهن، هاڻ ٻين ريفرنس ۾ پڻ فيصلا اچڻ باقي آهن. هن چيو ته هي ماڻهو ڏوهاري آهن، انهن جو ڏوهه موجود آهي، مني لانڊرنگ، ڪرپشن ۽ مني ٽريل سميت جيڪي شيون هي ماڻهو نٿا ٻڌائي سهگن اهي پنهنجي جاءِ تي موجود آهن.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته مسلم ليگ ن جو جشن 20 اپريل جهڙو آهي ڇاڪاڻ تي هي ماڻهو آزاد ناهن ٿيا، انهن جي اصل منزل اڊيالا جيل آهي، کين واپس ايڏانهن وڃڻو پوندو جتان کان ٻاهر اچي رهيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوام دشمن حڪومت گيس اگهن ۾ واڌ ڪري واپاري ڌر ۾ روزگار جو قتل عام پئي ڪري: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته عوام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے