21 اتوار , اکتوبر 2018

شريف خاندان اڃا تائين اهو ثابت ناهي ڪري سگهيو ته اربين رپياڪٿان آيا: فواد چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءَ  واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته شريف خاندان اڃا به اهو ثابت ناهي ڪري سگهيو ته سندن ملڪيت ۾ اربين رپيا ڪٿان کان آيا. نواز شريف، مريم ۽ صفدر جي سزا معطلي واري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي حڪومتي رد عمل سامهون اچي ويو آيو ۽ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري ٽوئيٽر ذريعي جاري بيان ۾ چيو ته اسان عدالتن جو مڪمل احترام ڪندا آهيون، پاڪستان ۾ عدالتون آزاد آهن، پهرين فيصلي جيان اڄ واري فيصلي جو احترام واجب سمجهون ٿا.هن چيو ته قومي احتساب بيورو(نيب) هڪ آزاد ۽ خودمخيتار ادارو آهي جيڪو پنهنجي سرگرميون پاڻ ڪندو آهي، حڪومت جو ان ۾ ڪو به ڪردار ناهي. سڌ سماءِ واري وزير جو چوڻ هوته حڪومت ۽ عوام ڪرپشن ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف ڪاروائي چاهيون ٿا، قوم چاهي ٿي ته انهن جو لٽيل پيسو واپس اچڻ گهرجي. فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته شريف خاندان جي ڪردار جي حوالي سان قوم کان ڪجهه لڪل ناهي، شريف خاندان اڃان به ثابت ناهي ڪري سگهيو ته سندن ملڪيت ۾ اربين رپيا ڪٿان کان آيا، پروسيجرل بنيادن تي اڄ فيصلو سامهون آيو آهي، معاملو اڳتي وڌندو قانون يقينن پنهنجو رستو وٺندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف سان قانوني صلاحڪارن جي ملاقات، ٻڌڻي هيٺ ڪيسن تي مشورا

جاتي امرا ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پنهنجي قانوني صلاحڪارن سان احتساب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے