21 اتوار , اکتوبر 2018

نيوز | ٽنڊي باگي ۾ سجاڳ ٻار تحريڪ جي سنڌو درياهه تي ڪالاباغ ڊئم ٺاهڻ سميت سنڌ دشمن منصوبن خلاف بک هڙتال

ٽنڊي باگي ۾ سجاڳ ٻار تحريڪ پاران سنڌ دشمن منصوبن خلاف بک هڙتال ڪئي وئي.

نيشنل پريس ڪلب آڏو سريش ڀيل، حبيب ڪلوئي ۽ سنجي ڪولهي سميت ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف بک هڙتال ڪئي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته سنڌو درياهه تي ڪو به ڊيم يا ڪٽ قبول ناهي، پنجاب جي پاڻي چوري سبب سنڌ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي آهي.

هنن چيو ته چيف جسٽس آئيني طور امين ناهي رهيو، جنهن سبب کيس جلدي عهدو خالي ڪرڻ گهرجي.

سندن چوڻ هو ته جن ماڻهن عوام کي رت سان وهنجاريو، کين شهريت ڏيڻ سپريم ڪورٽ جي دهشتگردي واري فيصلي جي ڀڃڪڙي آهي.

اڳواڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سنڌ درياهه تي ڪالا باغ ڊيم سميت سنڌ دشمن منصوبا رد ڪن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز: ٽنڊوڄام:کنڀي گم ڪيل نوجوان ڪيئن بازياب ٿي گهر پهتو؟ وارث حيران!!

*ٽنڊوڄام مان چار ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل نوجوان ڊرامائي انداز ۾ بازياب ٿي ٽنڊوڄام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے