23 منگل , اکتوبر 2018

وزيراعظم عمران خان جي سعودي فرمانروا سان ملاقات

مڪو شريف (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جون سعودي فرمانروا سميت ٻين اختيارين سان ملاقاتون جاري آهن. وزيراعظم سعودي فرمانروا سان ملڻ شاهي محل پهتو، جتي ٻنهي وچ ۾ ملاقات ٿي. عمران خان او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر يوسف العثيمين سان به ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ مسلمانن کي پيش چئلينجن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، پرڏيهي سيڪريٽري تهمينا جنجوعا ۽ سعودي عرب ۾ پاڪستاني سفير هشام بن صديق به موجود هئا. هوڏانهن پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پنهنجي سعودي هم منصب عادل بن احمد الجبير سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستاني ۽ سعودي سفير به موجود هئا. ملاقات ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪ – سعودي لاڳاپن جو بنياد مضبوط آهي، دوري سان لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ملندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪنزيٰ تشدد ڪيس: جوابدار ڊاڪٽر محسن رياض جي 29 آڪٽوبر تائين عبوري ضمانت منظور

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) گهرو تشدد جو شڪار 11 سالن جي ننڍڙي ملازم ڪنزيٰ کي عدالت ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے