23 منگل , اکتوبر 2018

اسحاق ڊار خلاف وڌيڪ اثاثن واري ريفرنس جي ٻڌڻي 26 سيپٽمبر تائين ملتوي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ضمني ريفرنس جي ٻڌڻي 26 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪئي وئي. ضمني ريفرنس جي ٻڌڻي احتساب عدالت جي جج محمد بشير ڪئي، جنهن دوران ڪيس ۾ نامزد ٽئي جوابدار سعيد احمد، منصور رضا ۽ نعيم محمود عدالت ۾ پيش ٿيا. سعيد احمد جي وڪيل حشمت حبيب فريادي جي شاهد محسن امجد کان آڏي پڇا ڪئي، جيڪا مڪمل نه ٿي سگهي. ايندڙ ٻڌڻي تي به وڪيل شاهد محسن امجد تي جرح جاري رکندو. احتساب عدالت اسحاق ڊار خلاف ريفرنس تي وڌيڪ ٻڌڻي 26 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪنزيٰ تشدد ڪيس: جوابدار ڊاڪٽر محسن رياض جي 29 آڪٽوبر تائين عبوري ضمانت منظور

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) گهرو تشدد جو شڪار 11 سالن جي ننڍڙي ملازم ڪنزيٰ کي عدالت ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے