18 جمعرات , اکتوبر 2018

نيوز | ميرپور بٺورو: جيئي سنڌ لبرل فرنٽ پاران ڪالاباغ ڊيم خلاف ريلي

ميرپور بٺورو ۾ جيئي سنڌ لبرل فرنٽ ۽ سنڌ اسٽوڊنٽس فرنٽ پاران ڪالاباغ ڊيم سميت سنڌ دشمن منصوبن خلاف ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

جيئي سنڌ لبرل فرنٽ جي اڳواڻ قادر بخش زئور ۽ سنڌ اسٽوڊنٽس فرنٽ جي ڊپٽي آرگنائيزر شاھد ميراڻي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن سنڌ دشمن منصوبن خلاف جي ايم سيد چوڪ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي.

اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌو درياهه تي ڊيم ٺھڻ سان سنڌ ويران ٿي ويندي  ۽ ساحلي علائقا سمنڊ جي ور چڙھي ويندا، سنڌو تي ڪو به ڊيم قبول نه ڪيو ويندو.

هنن چيو ته عمران خان حڪومت ۾ ايندي ئي سنڌين خلاف فيصلا ڪرڻ شروع ڪيا آھن، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته حڪمران سنڌي قوم کي ڀِت سان لڳائڻ چاھين ٿا.

سندن چوڻ هو ته گھڻ قومي ملڪن ۾ انصاف، برابريءَ ۽ گڏيل فيصلن جي اڻھوند سبب  قومون گهڻو وقت رهي نه سگهنديون آهن.

اڳواڻن اعلان ڪيو ته سنڌ کي پاڻي کان محروم ڪرڻ وارين ڪوششن خلاف وڏي پئماني تي جدوجھد ڪري سنڌ کي بچائبو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز:سامارو: گرلز اسڪول مان چور الهه تلهه ٻهاري ويا

*سامارو شھر جي  گرلس هاءِ  اسڪول  مان چور تاله ٽوڙي اتلهه تلهه ٻهاري فرار ٿي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے