18 جمعرات , اکتوبر 2018

ڌانڌلي جي جاچ ڪميٽي ۾ سينيٽ کي به شامل ڪيو وڃي: اپوزيشن جو مطالبو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اپوزيشن پارٽين چونڊن ۾ ڌانڌلي جي حوالي سان جاچ لاءِ خاص ڪميٽي بابت حڪومتي فيصلي کي رد ڪندي سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ميمبرن تي ٻڌل پارلياماني ڪميٽي ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو آهي. گذريل ڏينهن چونڊن ۾ ڌانڌلي جي الزامن تي جاچ لاءِ خاص ڪميٽي قائم ڪرڻ بابت تحريڪ انصاف طرفان قومي اسيمبلي ۾ رٿ پيش ڪئي وئي هئي پر اڄ سينيٽ اجلاس ۾ اپوزيشن جاچ جي طريقي ڪار جي مخالفت ڪئي آهي. سينيٽ اجلاس ۾ اپوزيشن پارٽين ن ليگ، پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي ۽ بي اين مينگل خاص ڪميٽي ٺاهڻ جي فيصلي کي رد ڪيو، جڏهن ته حڪومت جي حمايتي جماعت ايم ڪيو ايم پاڪستان به پارلياماني ڪميٽي قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. سينيٽ اجلاس ۾ اپوزيشن ميمبرن جو چوڻ هو ته ڌانڌلي جي جاچ عمل ۾ سينيٽ کي پري رکڻ مناسب ناهي، حڪومت پارلياماني ڪميٽي ٺاهڻ بابت پنهنجو واعدو پورو ڪري. واضح رهي ته حڪومت طرفان ڪميٽي جوڙڻ جي حوالي سان چيو ويو هو ته ان ۾ رڳو قومي اسيمبلي ميمبر شامل هوندا، سينيٽ جو ڪو به ميمبر ان ڪميٽي جو حصو نه هوندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ديوسائي ۾ برفباري سبب رابطو ڪاٽا، پرڏيهي سميت ڪيترائي سياح ڦاسي پيا

گلگت بلتستان ( ويب ڊيسڪ ) اترين علائقن ۾ سرديءَ جي موسم شروع ٿيندي ئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے