21 اتوار , اکتوبر 2018

حڪومت پناهگيرن کي شهريت ڏيڻ بدران انهن جي واپسي يقيني بڻائي: حاصل بزنجو

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) سينيٽر حاصل بزنجي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان افغان پناهگيرن کي شهريت ڏيڻ جي حوالي سان غير ذميواراڻو بيان ڏنو، انهن جي واپسي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. ڪوئيٽا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي حاصل بزنجي چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ پناهگيرن جي واپسي جو معاهدو طئي ٿيو آهي، وزيراعظم جو افغان پناهگيرن کي شهريت ڏيڻ وارو بيان غير ذميواراڻو آهي، حڪومت کي گهرجي ته پناهگيرن کي شهريت ڏيڻ بدران انهن جي واپسي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کڻي. سندس چوڻ هو ته اين ايف سي ايوارڊ کي آئيني تحفظ حاصل آهي، ان ۾ بلوچستان جو حصو وڌايو وڃي، 18هين ترميم تي عمل کي به يقيني بڻايو وڃي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبن ۾ اتفاق راءِ سان ئي آبي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا: سرتاج عزيز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ناليواري اقتصاديات جي ماهر سرتاج عزيز چيو آهي ته صوبن اتفاق رائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے