21 اتوار , اکتوبر 2018

ليجنڊ شاعر امداد حسينيءَ سان ڳالهه ٻولهه جيڪو ڪم ٿيڻ گهرجي سو نه پيو ٿئي، جيڪو ڪم نه ٿيڻ گهرجي سو ٿي رهيو آهي:انٽرويو سارنگ منير سومرو

سنڌ ۾ سنڌي ٻولي جي ترقي لاءِ ڪجهه نه پيو ٿئي، سنڌي ٻولي تمام پٺتي پيل آهي، ڀارت ۾ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو حاصل آهي، اسان وٽ ايوانن ۾ سنڌي ڳالهائڻ منع آهي

الميو اهو آهي ته جن کي پڙهڻ کپي سي لکي رهيا آهن، جن کي لکڻ نٿو اچي سي رسالن جا ايڊيٽر آهن…. اجتماعي مقصد  ئي ناهي ته نئين ٽهي جي شاعري ڪهڙو مقصد ماڻي

سنڌ جي جهر جهنگ ۾ شاعري ۾ ذريعي مڃتا ماڻيندڙ ليجنڊ سنڌي شاعر ۽ سينيئر اديب سائين امداد حسينيءَ عوامي آواز سنڊي ميگزين کي خاص انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته سنڌ ۾ سنڌي ٻولي تمام پٺتي پيل آهي، انهيءَ جي ترقيءَ لاءِ ڪجه به نه پيو ٿئي، جيڪو ڪم ٿيڻ گهرجي اهو ٿئي ئي نه پيو ۽ جيڪو ڪم نه ٿيڻ گهرجي اهو ٿئي پيو، انڊيا ۾ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو حاصل آهي اتي عام زندگيءَ کان وٺي اسميبليءَ تائين سڀ سنڌي ڳالهائين ٿا، جيڪڏهن ڪنهن کي سنڌي ٻولي نٿي اچي ته انهيءَ کي  مائيڪ ذريعي اجلاس ۾ ئي ٽرانسليٽ ڪري سنڌي ٻولي ٻڌائي  وڃي ٿي، پر سنڌ جو حال اهوآهي ته اسان وٽ ايوانن ۾ سنڌي ڳالهائڻ منح آهي سنڌي ٻڌڻ، لکڻ ۽ سنڌيءَ ۾ حلف کڻڻ منح آهي، اسان کي ڪنهن به ٻوليءَ سان نفرت نه آهي، هر ٻوليءَ سان پيار آهي پر سنڌي ٻوليءَ سان اسان جي روح جو رشتو آهي، اسان کي جيتريون ٻوليون اينديون اوترو اسان جي لاءَ بهتر آهي هتي آءُ مرحيات عبدالساقيءَ جو ذڪر ڪرڻ چاهيان ٿو جيڪو 7 ٻوليون ڄاڻيندو هو جڏهن ڀوائي جنڪشن فلم انگريزيءَ ۾ ٺهي پئي انهيءَ وقت ساقيءَ انٽرويو ڏنو هو جڏهن هن جي ستن ٻولي ڄاڻڻ واري خبر انگريز ڊائريڪٽر کي پئي ته انگريز ڊائريڪٽر نه صرف فلم ۾ رول ڏنو پر هن کي پنهنجو اسسٽنٽ ڪري رکيو هو.

ناليواري شاعر امداد حسينيءَ وڌيڪ چيو ته آءُ گذريل جنمن ۾ به هوس پر هن جنم ۾ 12 سالن جي عمر ۾ شاعري ڪئي اسان جي ڳوٺ جو ماستر سائين عبدالڪريم ميمڻ جيڪو نورمحمد هاءِ اسڪول ۾ پڙهائيندو هو ۽ اسان جو استاد به هو ان کان آءُ ۽ منهجو سوٽ شبير عبدالحڪيم شاهه ٽيوشن وٺڻ ويندا هئاسين اسڪول جي ڪاپين تي منهنجي شاعري لکيل هئي. شبير جيڪو هاڻي پاڻ به شاعر آهي تنهن سائين عبدالڪريم کي چيو ته سائين امداد شاعري ڪندو آهي، جنهن تي سائين عبدالڪريم مونکان پڇو ته تنهنجو تخلص ڇا آهي، ان وقت مونکي تخلص جي معنيٰ جي به خبر نه هئي اڄ تائين منهنجو ڪو به تخلص نه آهي، آءُ اڄ تائين تخلص طور پنهنجو نالو ڪتب آڻيندو آهيان، ڇو ته سنڌي شاعري روايت ۾ نالو ئي تخلص طور ڪتب ايندو آهي، جيئن لطيف سائينءَ ۽ سچل پنهنجو نالو ئي ڪتب آندو آهي اها تخلص واري روايت فارسي شاعريءَ  جي اثر جي ڪري عروض سميت اسان وٽ آئي. ائين ئي سنڌي شاعريءَ ۾ نوان موضوع آيا پر اهي فارسي شاعريءَ کان متاثر هئا، جيتوڻيڪ اسان جي ڪافي شاعرن عروض کي پنهنجي سريلي شاعري واري روايت سان سلهاڙي بهتر نموني استعمال ڪيو پر پوءِ به اسان کان آهستي آهستي پنهنجي شعري روايت ڇڏجي وئي.

اسان جي دور ۾ شاعرن پنهنجي ڪلاسيڪل روايتن سان رشتو جوڙيو جنهن ۾ شيخ اياز، تنوير عباسي، نياز همايوني، عبدالڪريم گدائي، تاجل بيوس، نارائڻ شيام ۽ ٻيا نالا اهم آهن، انهيءَ کان اڳي خليفو گل، حافظ حامد، مرزا قليچ بيگ، مير عبدالحسين خان سانگي به سنڌي شاعريءَ واري روايت سان جڙيل رهيا، ڪافي شاعر حافظ شاهه، مصري شاهه، کان طالب الموليٰ تائين انهيءَ ئي روايت سان جڙيل رهيا.

امداد حسينيءَ چيو ته اسان جو ڳوٺ ٽکڙ جنهن کي وسيع ملوڪ شاهه چيو وڃي ٿو، اهو سنڌي شاعريءَ جو هڪ مڪتبه فڪر رهيو آهي، جنهن جي لاءِ چيو وڃي ٿو ته عروضي شاعري ٽکڙ ڳوٺ کان شروع ٿي، جيتوڻيڪ اهي شاعر اسان جي اڳين ڳوٺ وسيع شهمير شاه جا شاعر هئا ۽ اهو دور شاه ڪريم جو دور هو خود منهنجو ڏاڏو  اسدالله شاه فدا عربي فارسي ۽ سنڌي جو شاعر هو، جيڪو اسان جي ڳوٺ مان بهاالخلاق رسالو ڪڍندو هو ۽ اهو لاهور مان ڇپجندوهو، منهنجي ڏاڏي جو ننڍو ڀاءُ محمد حافظ شاهه ڪافيءَ جو وڏو شاعر ٿي گذريو آهي، اسان جي ڳوٺ ۾ ٽي خاندان علم ۽ ادب سان لاڳاپيل هئا، پهريون سيد خاندان ٻيون ميمڻ خاندان ٽِيون حافظ خاندان انهن ٽنهي خاندانن ۾ وڏا شاعر ۽ اديب پيدا ٿيا، مثال طور مون پنهنجي ڏاڏي ۽ سندس ڀاءُ جو ذڪر ڪيو آهي، پر اسان جي خاندان ۾ ميدان محمد شاهه اول سنڌي نثر جا پهريان ڪتاب لکيا. ميمڻ خاندان ۾ حافظ حامد محمد هاشم مخلص ۽ محمد خان غنيءَ جهڙا شاعر پيدا ٿيا، حافظ خاندان مان حافظ محمد يوسف  حافظ هارون دل گير ۽ حافظ عبدالله بسمل انهن سڀني مان مون بسمل ۽ غنيءَ کي ڏٺو، انهن سڀني جو ذڪر تذڪره ۽ شهرائي ٺکڙ ۾ موجود آهي.

امداد حسينيءَ وڌيڪ چيو ته منهنجو سڀ کان پهريون شاعريءَ جو مجموعو ” امداد آهي رول “ آهي جيڪو 1976 ۾ ڇپيو ان کانپوءِ منهنجو ڪتاب  طويل نظم ”شهر“ (1988ع ۾ لکيل ’شهر آشوب‘) مارچ 2000ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن کانپوءِ  شاعريءَ جو ٽيون مجموعو ”هوا جي سامهون“ روشني پبليڪيشن ڪنڊياري پاران 2000ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، هن کانپوءِ منهنجي  شاعريءَ جو نئون مجموعو ”ڪرڻي جهڙو پل“ ڇپيو، جڏهن ته  ٽکڙ پبليڪيشن پاران ڇپايل ڪتاب ”مئل ماڻهو، جيئري پيڙا“ مون ۽ سحر امداد سان گڏجي مرتب ڪيو آهي، ان  کان علاوه مشهور سنڌي وير گاٿا ”دودي چنيسر“ جو اردوءَ ۾ ترجمو به  ڪيل آهي، جيڪو لوڪ ورثي اسلام آباد جو ڇپايل آهي. مرزا قليچ بيگ جي ناول ”زينت“ جو اردو ترجمو به ڪيل آهي، جيڪو اڪادمي ادبيات اسلام آباد ڇپايو. احمد خان آصف جي ٻاراڻن ٻولن تي مشتمل ڇهن جلدن ۾ ڇپيل اهم تصنيف سنڌيڪا پاران  مون َ ايڊٽ ڪيو  آهي. اردو اڪئڊميءَ لاءِ ٻارن جي اردو نظمن جا چار ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل آهي جنهن ۾  بابا فريد ۽ ماڌو لال حسين جي پنجابي شاعريءَ کي سنڌيءَ ۾ ترجمو آهي

هڪ سوال جي جواب ۾ امداد حسينيءَ چيو ته پنهنجا سڀ ڪتاب پنهنجي پسند جا آهن شاهه جو رسالو منهنجو آل ٽائيم فيوريٽ ڪتاب آهي جيڪو آءُ روزانو پڙهندو آهيان،ان تي سوچيندو آهيان ۽ لکندو آهيان،  مونکي شيڪسپيئر جا ڊراما ۽ ڪالي داس جي شاعري پسند آهي، پنهنجو لوڪ ادب لوڪ گيت انهن ۾ منهنجي تمام گهڻي دلچسپي رهي آهي، سامي، سچل، خليفونبي بخش، مصري شاهه ، حافظ بيوس، مير عبدالحسين سانگي، نواز علي، نياز همايوني  ۽ ٻيا پسند جا شاعر آهن جڏهن ته غالب ، مير، اقبال، فيض جي شاعري به پنهنجي پسندجي شاعري آهي، هن چيو ته فيض احمد فيض کي مون سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي جيڪو ڪلچر ڊپارٽميٽ ڇپيو آهي، جنهن ڪتاب ۾ اردو پنجابي شاعريءَ جي حوالي سان گهڻو مواد آهي.

نئين ٽهيءَ ۾ جيڪا شاعري ٿئي پئي ڇا اها شاعري پنهنجو مقصد ماڻي پئي انهي سوال جي جواب ۾ امداد حسينيءَ چيو ته اجتماعي سطح تي جڏهن ڪو مقصد ئي ناهي ته ماڻڻ وري ڪهڙو، هڪ همراه رسالو ڪڍندو هو اهو اوچتو شاعر ٿي ويو ۽ پنهنجي رسالي ۾ شعر ڇپڻ شروع ڪيائين ان کان هڪ ڀيرو مون پڇيو ته شاهه کي پڙهيو اٿئي ته چيائين نه پوءِ ان تي مون ڪهاڻي لکي هئي جنهن ۾ اها سڄي ڪٿا لکي هئي، اسان جو اليمو اهو آهي ته اسان وٽ جن کي پڙهڻ کپي اهي لکي رهيا آهن ۽ جن کي لکڻ نٿو اچي اهي رسالن جا ايڊيٽر آهن ، الميو اهو آهي ته اسان جي سنڌ جو اڳوڻو وزير اعليٰ قائم علي شاهه جڏهن سچل سرمت جي عرس جو افتتاح ڪندو هو ته هو ته هو تقرير اردوءَ ۾ ڪندو هو اسان جو هڪ دوست هوندو هو سرفراز راڃپر جيڪو پيپلز پارٽي ونگ جو صدر هو جيڪو اڪثر مونکي چوندو هو ته اوهان شهيد ذالفقار علي ڀٽو جي ورسيءَ ۾ اچو مون ان کي ڪافي ڀيرا منع ڪيو پر هڪ ڀيرو هن جي مجبور ڪرڻ تي ورسيءَ ۾ شرڪت ڪئي. ورسيءَ ۾ الميو اهو ئي هو ته هن مونکي اڳ ۾ ئي اهو چيو ته اوهان شاعري اردو ۾ پڙهي سگهو ٿا جنهن کانپوءِ مون شاعري سنڌيءَ ۾ به پڙهي ۽ اردوءَ ۾ به پڙهي. هنن جو اهو چوڻ هو ته هي پروگرام ٽي ويءَ تي ڏيکاربو اتي صرف اردو ئي هلي سگهندو آهي،

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

هڪ بهترين سگهڙ ميان پير بخش پيرل مڱريو :مهتاب علي مڱريو 

  سگهڙ فقير ميان پير بخش (پيرل) مڱريو سنڌ جو صف اول جو ڀلوڙ سگهڙ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے