16 منگل , اکتوبر 2018

ليلا خالد: تاريخ جو بهادر ڪردار:حميده گهانگهرو

اها چوڻي مشهور آهي ته عورت نفيس، نازڪ، ڪمزور دل ۽ هيڻي هوندي آهي، اهو ڪيترو صحيح آهي انهيءَ جو اندازو تاريخ جي حوالن کي پڙهي لڳائڻ گهرجي ته يقينن غلط ثابت ٿيندو.

انسان، جنسي لحاظ کان ڇوڪرو هجي يا ڇوڪري پيدا ٿيڻ وقت بلڪل نرم نازڪ معصوم ننڍڙن هٿن پيرن ۽ معصوم ادائن سان پيدا ٿئي ٿو ۽ وڏو ٿي حالتون ڪم ڪرڻ جون صلاحيتون رهڻي ڪهڻي ۽ سڀ کان وڌيڪ پرورش هن جي سوچ ۽ جسم جي بناوٽ ٺاهي ٿي، انهيءَ سڄي تحقيق ۾ عورت نفيس نازڪ هئڻ باوجود بهادر طاقتور ۽ معاشري جي روح روان آهي جيڪڏهن گهر جي چار ديواريءَ ۾ ويهي پوءِ به ۽ جيڪڏهن ٻاهر جي هر ذميواريءَ کي بخوبي سرانجام ڏئي پوءِ به.

تاريخي ڪردارن ۾ جتي لاتعداد عورتن جا ڪردار موجود آهن اتي هڪ وڏو نالو ليلا خالد جو به آهي. ليلا خالد دنيا جي تاريخ ۾ اهو نالو پيدا ڪيو آهي جنهن عورت جي نفاست واري زندگيءَ کي چئلينج ڪري جدوجهد جي اهڙي مشعل هٿ ۾ کنئين جنهن دنيا جي تاريخ کي ڌوڏي ڇڏيو.

فلسطين جي ڌرتي حيفا ۾ پيدا ٿيل ليلا خالد تمام ننڍڙيءَ عمر ۾ پنهنجي پيدائشي ڌرتيءَ کان جلاوطن ڪئي ٿي وڃي، ٻار انهيءَ عمر ۾ ايترو ته حساس ۽ پنهنجي پسند جي هرشيءِ سان محبت ڪندو آهي جو پنهنجي رانديڪي جي ٽٽي پوڻ تي به ڪلاڪن جا ڪلاڪ روئيندو آهي، ليلا کي جڏهن پنهنجي ڌرتيءَ تان جلاوطن ڪري زبردستي حيفا کان پري رکيو ويو هن پنهنجي ننڍڙي عمر ۾ نفرت ذهن ۾ رکي ۽ پوءِ باشعور ٿي سمجهڻ لڳي ته سندس قوم جو تمام گهڻو استحصال ٿي رهيو آهي.

سندس اڳيان ڪيترا بي درديءَ سان لاشن جي صورت ۾ فلسطيني نظر اچن ٿا، هيءَ امڙ جي آڱر جهلي مجبورن حيفا ته ڇڏي چڪي هئي پر هن ذهن جي بغاوت کي دل ۾ سانڍي انهيءَ درد کي جدوجهد جي شڪل ڏيڻ لاءِ پنهنجي زندگي کي بدلائي ڇڏيو ۽ سوچي ٿي ته دنيا ۾ جتي به غريب ۽ سامراجيت جا دٻيل هيسيل ماڻهو رهن ٿا، اهو ظلم جبر سندن برداشت کان ٻاهر آهي.

جڏهن هو فلسطينين جا لاش ڏسي ٿي ته پوءِ ڪو به ماڻهو هن جي نظر ۾ بچيل ناهي ۽ ذهن کي سجاڳ ڪري ٿي ته کيس صرف هڪ لاٽ نظر اچي ٿي فلسطين جي آزاديءَ جي تحريڪ ۽ انهيءَ تحريڪ کي يقيني بڻائڻ لاءِ سر سان ڪفن ٻڌي هوءَ پنهنجي اڪيلي زندگيءَ کي فلسطين جي سوين، هزارين زندگين سان شامل ڪري ڇڏي ٿي. هي هر گهڙي پنهنجي جلاوطني جي تڪليف کي محسوس ڪري پرعزم حوصلي سان پنهنجي ڏيهه ورڻ لاءِ واجهائي ٿي. سندس چوڻ آهي ته هڪ ڏينهن ٻالڪپڻي ۾ جيئن ٻار ڪنهن ڦل فروٽ کي وڻ ۾ ڏسي ٽوڙي کائيندا آهن ۽ مون به زيتون جي وڻ مان زيتون ٽوڙي کائڻ چاهيو ته امان رڙ ڪري چيو ليلا تون جلاوطن آهين هيءُ باغ اسان جو ناهي ۽ هن باغ جي ڪا به شيءِ کائڻ تي اسان کي سزا ملندي، اسين جنهن گهر ۾ بند آهيون اسين تقريبن قيد آهيون.

ماءُ جي چيل جملي هن کي جهنجهوڙي ڇڏيو، هيءَ جڏهن صرف فلسطين جي ڌرتيءَ کي بچائڻ جو سوچي ٿي ته نيشنلسٽ آهي پر هر انٽرنيشنلسٽ جي پويان نيشنلسٽ لڪل هوندو آهي، ليلا به انهن مان هڪ هئي. هن لنڪن، هٽلر، نيپولين، لينن جي باري ۾ پڙهيو هن دنيا جي پورهيتن جا مسئلا ۽ مزدورن هارين شاگردن جي تحريڪن کي سمجهيو ۽ پوءِ پنهنجي ملڪ جي غريب عوام جي مفلسيءَ جا باب معلوم ڪري هن جي سوچ ڄڻ انقلابي سوچ بڻجي وئي، هوءَ طبقاتي نظام جي خاتمي لاءِ، دنيا جي پورهيتن ۽ مظلوم طبقي جي ڳالهه ڪري ٿي ، هيءَ خاص ڪري لينن جي ڪم کان تمام گهڻو متاثر ٿئي ٿي، هيءَ سمجهي ٿي ته پنهنجي سرسبز ڌرتي تي رهڻ واري ڪيترو وقت هن خيمائي زندگيءَ ۾ وقت گذاريندي، جيڪي ڪڏهن سخت سردي ۾ ڪنهن تيز طوفان ۾ اڏامي وڃن ٿا ۽ هو سردي ۾ ٿڙڪي ٿي هنن جا اسڪول به خيمن ۾ هئا جن ۾ پڙهڻ ناممڪن هو پر هن ان کي ممڪن بڻائڻ لاءِ ڪڏهن همٿ نه هاري.

هن جو چوڻ آهي ته ماڻهو آزاد پيدا ٿيو آهي پر هرطرف قيد ۾ آهي، انهيءَ ڪري مون کي ۽ منهنجي قوم کي آزاد رهڻو آهي، هوءَ گوريلا تربيت حاصل ڪري سڀ کان پهرين جهاز اغوا ڪري فلسطين اچڻ چاهي ٿي ۽ سندس اها خواهش آهي ته انهيءَ سان هوءَ پنهنجي ڌرتي کي سلامي ڏيندي ۽ جيڪڏهن موت ماري به ڇڏيس ته آخري مٽي سندس فلسطين ۾ هوندي.

اهڙي طرح ليلا 3 دفعا جهاز اغوا ڪري مختلف ملڪن ڏانهن وئي ۽ اتي گرفتار به ٿئي ٿي پر هيءَ ڪڏهن به همٿ نٿي هاري، بلڪه خوش شڪل ماڻهو ڪڏهن به ناهي چاهيندو ته هن جي شڪل بدلائي وڃي، ليلا صرف پنهنجي تحريڪ کي منظم ڪري مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي چهري جي پلاسٽڪ سرجري به ڪرائي ٿي ته جيئن هن جي چهري جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي.

ليلا جڏهن به گرفتار ٿئي ٿي ته کانئس آڏي پڇا ڳاڇا کان پوءِ کيس ڌمڪيون به ڏنيون وڃن ٿيون ۽ ڪافي آرام آسائش ڏيڻ لاءِ به لالچايو وڃي ٿو پر هن ڪڏهن به ڪنهن ڳالهه تي سمجهوتو نه ڪيو. هڪ دفعي چوڻ اٿس ته جڏهن هوءَ جهاز اغوا ڪري ٿي ۽ ان کان اڳ ڀرسان ويٺل ٻارن تي کيس رحم به اچي ٿو ۽ هو چوي ٿي ته مون کي پنهنجي مقصد ۾ ٿورو نرم گوشو به اختيار ڪرڻو پوندو ۽ هن جو مقصد اهو آهي ته هوءَ ڪنهن کي به جاني نقصان نه ڏيندي، کانئس اڪثر ٽاچر دوران بار بار سوال پڇيا ويندا آهن ۽ ليلا کان به جڏهن بار بار سندس نالو پڇيو وڃي ٿو ته هوءَ صاف انڪار ڪري ٿي چوي ٿي ته هاڻي مان پنهنجو نالو نه ٻڌائينديس، هن کان پڇيو ٿو وڃي ته توکي آزاد ڪجي ته ڪيڏانهن ويندينءَ ته هڪدم جواب ڏئي ٿي فلسطين. هوءَ قيد ۾ به هڪ ئي نعرو هڻي ٿي ”فلسطين جي آزادي“. هن کي جڏهن اهو ٿو چيو وڃي ته تون انقلابي آهين ته هڪدم جواب ڏئي ٿي ته پوءِ اسان کي جيل ۾ ڇو رکيو ويو آهي ۽ جيل ۾ مجرمن وارو ورتاءُ ڇو ٿي رهيو آهي. هن کي هرکايو ٿو وڃي ته ڪجهه پئسن جي ضرورت آهي ته ٻڌايو، هيءَ عورت ڪنهن به حوالي سان پاڻ کي ڪمزور نٿي ڪري ۽ هر تڪليف جو منهن ٽوڙ مقابلو ٿي ڪري، ليلا خالد اها بهادر عورت آهي جيڪا ڪنهن به سياسي پناهه ۾ رهڻ نٿي چاهي. دنيا جي تاريخ ۾ جيڪڏهن ليلا خالد جو نالو ايندو ته سرفهرست هوندو، توڻي جو کڻي اڄ به فلسطين جو مسئلو پنهنجي جاءِ تي اڃا چڱي طرح حل نه ٿي سگهيو آهي پر آزاديءَ جي هنن پروانن پنهنجو نالو رقم ڪيو آهي.

پاڪستان جي مشهور هدايتڪار رياض شاهد زرقا فلم ٺاهي هئي ۽ ان ۾ زرقا جو ڪردار سندس زال اداڪارا نيلو جو هو، زرقا فلم تمام گهڻي مشهور ٿي ۽ فلسطين جي تحريڪ تي ٺاهيل هن فلم هتان جي انقلابي تحريڪ سان واسطو رکندڙن تي به تمام گهڻا اثر ڇڏيا.جدوجهد ڪهڙي به ملڪ جي هجي جيڪڏهن اها ظلم ۽ استحصال جي خلاف آهي ته اها سرحدن جي نشانن جي دائري کان ٻاهر سوچ جو ڳانڍاپو پيدا ڪري ٿي.

دنيا جي پورهيتن جي تحريڪ شڪاگو کان شروع ٿئي ٿي، اهڙيءَ طرح آزاديءَ جي تحريڪ انصاف تي ٻڌل ڪنهن به ملڪ خطي جي هجي ان جا اثر سڄي دنيا تي پون ٿا ۽ انهن ڪردارن جي سڃاڻپ سڄي دنيا جي تحريڪن جي سرواڻي ڪري ٿي.

ڪنهن به تحريڪ کي مذهب، ٻولي جي بنياد تي نه ورهايو وڃي، ڇاڪاڻ جو پهرين مئي جا شهيد به غيرمسلم هئا پر محنت ڪش جي خون جو رنگ ۽ حق ۽ انصاف جو رنگ هڪ جهڙو هوندو آهي، بينظير ڀٽو جي دور ۾ جڏهن بين الاقوامي عورت ڪانفرنس اسلام آباد ۾ ڪوٺائي وئي ته فلسطين جي ليلا خالد کي به گهرايو ويو ۽ پاڪستان جي عورتن کي ڏسي هن جو چوڻ هو ته هتان جي عورت کي به هن تمام گهڻو بهادر حوصلامند ۽ پڙهيل لکيل ڏٺو آهي، پر عورت پيڙيل به آهي پنهنجي حق کان محروم به آهي ۽ هر عورت کي بينظير ڀٽو به ٿيڻو پوندو ته ليلا خالد به، اهي لفظ ليلا خالد جا پاڪستان جي عورتن لاءِ پيغام هئا.

اڄ جڏهن مون پنهنجي لکڻي ۾ ليلا خالد جو انتخاب ڪيو ته اهو سوچي ته بهادري، جرئت، حوصلو هر عورت جو سينگار آهي. چاهي اها ليلا خالد هجي يا سنڌ جي مائي بختاور شهيد، عورت پنهنجو مٽ پاڻ آهي، سنڌ ۾ ڪيترا شهر عورت جي نالي سان آهن، انهي ڪري جو هو داناءَ انصاف پسند، امن پسند ۽ تشدد، بربريت جي خالف رهيون آهن ان ڪري سمجهڻ گهرجي ته عورت ئي دنيا جي تاريخ جو وڏو نانءُ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي آف لاجي بانيڪار وائيس چانسلر قاضي خالد علي چئي ٿو ته …. سنڌ جي غريب شاگردن لاءِ قانون جي اعليٰ ڊگرين لاءِ برطانوي يونيورسٽين سان معاهدا ڪيا آهن :انٽرويو :رزاق عاصي

مان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي آف لا جو وائيس چانسلر ٿيڻ کانپوءِ لنڊن اسڪول  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے