24 بدھ , اکتوبر 2018

گڏيل عرب امارتن ۾ ايشيا ڪپ جو ميلو ۽ شارجا جون اداسيون:سرمد سولنگي

ايشائي ملڪن جي ٽاپ ٽيمن تي ٻڌل ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ايونٽ جو ميلو گذريل هفتي کان گڏيل عرب امارتن ۾ هلندڙ آهي. جنهن ۾ ايشيا جون ڇهه ٽاپ ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن. جن ۾ پاڪستان ، ڀارت، سريلنڪا، بنگلاديش، افغنستان ۽ هانگ ڪانگ جون ڪرڪيٽ ٽيمون شامل آهن. ايشيائي ڪرڪيٽ جو وڏو ايونٽ ڪافي عرصي بعد هڪ ڀيرو ٻيهر عرب سرزمين ڏانهن موٽي آيو آهي جتي 34 ورهيه اڳ ان ايونٽ/ڪپ جا بنياد پيا هئا. ايشيا ڪپ جون سموريون مئچون دبئي ۽ ابوظهبي ۾ رکيون ويون آهن جڏهن گڏيل عرب امارتن جي رياست(شارجا) ۾ قائم ڪرڪيٽ جي تاريخي ميدان کي نظر انداز ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ شارجا يواي اي جي هڪ رياست جو نالو آهي پر ڪرڪيٽ جا ديوانا جڏهن به شارجا جو نالو ٻڌن ٿا انهن جو ڌيان هن شهر ۾ قائم ان تاريخي ميدان ڏانهن هليو وڃي ٿو جتي ڪڏهن هنن پنهنجي پنهنجي دور جي ليجنڊري ڪرڪيٽرن کي کيڏيندي ڏٺو هو. سر ويون رچرڊ، ڪپيل ديو، اسٽيوواگ، رڪي پونٽنگ، ڪمار سنگاڪارا، راهول ڊريوڊ، برائن لارا، عمران خان، جاويد ميانداد، انضام الحق، شاهد آفريدي جهڙن عظيم ڪرڪيٽرن جي هڪ ڊگهي فهرست آهي جن جا نالا ڳڻائڻ لاءِ  هڪ آرٽيڪل نه پر پورو ڪتاب لکڻ جي ضرورت آهي.اهي عظيم ڪرڪيٽر جڏهن شارجا ۾ ورلڊ ڪلاس  ڪرڪيٽ کيڏيندا هئا تڏهن ڪرڪيٽ جا مداح کين ڏسي لاجواب ٿي ويندا هئا شارجا ڪرڪيٽ اسٽيديم سدائين ڪرڪيٽ سان چاهه رکندڙن جي توجهه جو مرڪز رهيو آهي. يو اي اي( گڏيل عرب امارتون) ۾ قائم اهو اسٽيڊيم دنيا جي تاريخي ميدانن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي جتي سڄي دنيا جون ٽيمون ڪرڪيٽ کيڏي چڪيو آهن.شارجا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جي تاريخ تي نظر ڊوڙائينداسين ته خبر پوندي ته هي ڪرڪيٽ جو اڪيلو ميدان/اسٽيڊيم آهي جنهن جي جڏهن تعمير ٿي تڏهن ان ملڪ جي ڪرڪيٽ ٽيم موجود نه هئي. پر اهو اسٽيڊيم/ميدان  ٻين ملڪن جي ميزباني لاءِ سدائين اڳڀرو رهيو آهي . خاص طور ايشيائي ملڪن (پاڪستان، ڀارت ۽ سريلنڪا) لاءِ ڄڻ هوم ڪينڊيشنز جيان رهيو آهي. شارجا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم کي سڄي دنيا ۾ ان حوالي سان پڻ خاص اهميت حاصل آهي ڇاڪاڻ ته هتي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ عظيم بيٽسمين جاويد ميانداد ڀارت خلاف آخري بال تي ڇڪو هڻي پنهنجي ٽيم کي تاريخي ڪاميابي ڏياري هئي ڏهاڪا گذرڻ باوجود اڄ به ان ڇڪي جو پراڏو ٻڌو ويندو آهي جنهن کي ڪرڪيٽ جا ديوانا اڄ تائين وساري ناهن سگهيا.

شارجا ڪرڪيٽ اسٽڊيم جو ٺهڻ

شارجا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جو بنياد 1982 ۾ پيو جنهن کي ڪرڪيٽ سان جنون جي حد تائين چاهه رکندڙ عرب واپاريءَ عبدالرحمان بخاطر تعمير ڪرايو هن يو اي اي ۽ عالمي ڪرڪيٽ لاءِ ڪيتريون ئي يادگار خدمتون سرانجام ڏنيون. هن ميدان ۾ تمشائين جي ويهڻ جو انگ 16000 کان مٿي آهي هتي وقت سان گڏوگڏ اضافي اسٽينڊ پڻ لڳايا ويا آهن شارجا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جي تاريخ جي پهرين ٽيسٽ مئچ پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز  جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 31 جنوري کان 4 فيبروري 2002 تائين کيڏي وئي هن ميدان تي کيڏيل آخري ٽيسٽ مئچ پڻ پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ کيڏي وئي  جيڪا 30 آڪٽوبر کان 3 نومبر 2016 تائين کيڏي وئي. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ هي اسٽيڊيم سدائين ڀاڳ وارو رهيو آهي  ۽ جيڪڏهن پرڏيهي(پاڪستان کان ٻاهر ڪيل دورا) ملڪن ۾ ڪاميابين جي ڳالهه ڪجي ته پاڪستان هن ميدان تي سڀ کان وڌيڪ ڪاميابيون پنهنجي نالي ڪيون آهن. شارجا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پهرين عالمي ون ڊي مئچ 6 اپريل 1984 ۾ پاڪستان ۽ سريلنڪا جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي وئي جڏهن ته هن ميدان تي آخري عالمي ون ڊي مئچ 19 فيبروري افغانستان ۽ زمبابوي جي وچ ۾ کيڏي وئي. شارجا جي تاريخي ميدان تي پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ افغانستان ۽ اسڪاٽلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 3 مارچ 2013 تي کيڏي وئي. آخري عالمي ٽي ٽوئنٽي مئچ افغانستان ۽ زمبابوي جي ٽيمن وچ ۾ 6 فيبروري  جنوري 2018 تي کيڏي وئي.

ايشين ڪرڪيٽ ڪونسل ۽ ايشيا ڪپ

ايشين ڪرڪيٽ ڪونسل جو بنياد سال 1983 ۾ پيو ۽ ان جي ٺهڻ جي ٻئي سال  اپريل 1984 پهريون ايشيا ڪپ معقد ڪرايو ويو جنهن ميزباني شارجا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جي حصي ۾ آئي جنهن ۾ ٽن ٽيمن پاڪستان، ڀارت ۽ سريلنڪا حصو ورتو. ان ايونٽ ۾ دهلي جي گمنام ڪرڪيٽر سريندر کنا ڀارت کي چيمپيئن بڻايوهو، هلندڙ مقابلن جي خاص ڳالهه پڻ ڀارتي ٽيم جي ڏهاڪن کانپوءِ گڏيل عرب امارتن ڏانهن واپسي آهي. اها ٽه ملڪي ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ ڀارت جي نالي رهي هئي. 1995 ۾ شارجا هڪ ڀيرو ٻيهر ايشيا ڪپ جو ميزبان بڻيو ۽ چئن ٽيمن تي ٻڌل ان ايونٽ ۾ ڀارت فاتح رهيو. ۽ ڪافي عرصي بعد هڪ ڀيرو ٻيهر ايشيا ڪپ جي ميزباني گڏيل عرب امارتن جي حصي ۾ آئي آهي، جيتوڻيڪ هن ڀيري ڇهه ٽيمن تي ٻڌل  ان ٽورنامنٽ جي 13 مئچن لاءِ ٻن ميدانن جي چونڊ ڪئي وئي آهي پر افسوس جهڙي ڳالهه آهي جو انهن ٻنهي ميدانن ۾ ڪرڪيٽ جو هي تاريخي ميدان شامل ناهي. شارجا ۾ ايشيا ڪپ جون مئچون نه ٿيڻ جو ظاهري طور سبب اهو ٻڌايو آهي ته ايندڙ ميهني کان پهرين افغان پريميئر ليگ شروع ٿيڻ واري آهي.  جيڪڏهن غور ڪيو وڃي ته افغان ليگ 5 آڪٽوبر کان شروع ٿيندي جڏهن ته ايشيا ڪپ 28 سيپٽمبر تي ختم ٿي چڪو هوندو.

شارجا ۾ ڪرڪيٽ کيڏڻ تي ڀارت جا اعتراض

ڪرڪيٽ جي هن تاريخي ميدان ۾ ايشيا ڪپ جي هڪ مئچ به نه ٿيڻ  جو اهم سبب ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ آهي جيڪو حقيقت ۾ ايشيا ڪپ جو ميزبان آهي. اها ڳالهه ته سڀئي ڄاڻن ٿا ته بي سي سي آءِ ۽ شارجا ڪرڪيٽ جا ماضي ۾ تعلقات سٺا ناهن رهيا ۽ اها به سڀني کي خبر آهي ته ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ماضي ۾ شارجا جي حوالي سان پنهنجن خدشن جو اظهار ڪندي ڪرڪيٽ ٽيم کي نان ريگولر سينٽرن تي کيڏڻ کان روڪي ڇڏيو هو جن ۾ شارجا پڻ شامل هو. جيتوڻيڪ بي سي سي آءِ چار سال اڳ آءِ پي ايل جون ڪجهه مئچون شارجا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ منعقد ڪرائي چڪو آهي پر آڪٽوبر سال 2000 کانپوءِ  ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم شارجا ۾ عالمي ڪرڪيٽ ناهي کيڏي.

سڀ کان وڌيڪ عالمي مئچن جي ميزباني ڪرڻ جو رڪارڊ

شارجا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم سڄي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ 236 عالمي ون ڊي مئچن جي ميزباني ڪرڻ جو منفرد اعزاز حاصل ڪري چڪو آهي جنهن بعد اسٽيڊيم جو نالو گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ پڻ شامل ڪيو  ويو.

شارجا ۾ مئچ فڪسنگ جي واقعن کانپوءِ….

شارجا مئچ فڪسنگ الزامن سبب آءِ سي سي جي نشاني تي رهيو. هن ميدان تي تقريبن ستن ورهين تائين ڪا به عالمي مئچ نه ٿي پر ان بعد ٻيهر شارجا عالمي ڪرڪيٽ جو اهم مرڪز بڻجي چڪو آهي.پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جڏهن کان گڏيل عرب امارتن کي پنهنجن هوم سريزن لاءِ مرڪز بڻايو آهي ته شارجا ان ۾ سدائين اڳڀرو رهيو آهي جڏهن تي هن سال افغان پريميئر ليگ ۽ ٽي ليگ سبب آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ خلاف پاڪستان جو ڪو به مئچ شارجا ۾ ناهي رکيو ويو. ان سلسلي ۾ دبئي ۽ ابوظهبي جي چونڊ ڪئي وئي آهي پر مداحن جي غيرمعمولي دلچسپي جي حوالي سان شارجا سدائين انهن ميدانن کان اڳتي نظر آيو آهي خاص طور پاڪستان سپر ليگ دوران شارجا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم مداحن سان ڀريل رهندو آهي.

شارجا جون اداسيون

گذريل هڪ هفتي کان عرب امارتن ۾ هڪ پاسي ايشيا ڪپ جو ميلو سجيل آهي ٻئي پاسي يواي اي ۾ ڪرڪيٽ جا بنياد وجهندڙ شارجا اداس آهي!  جنهن ميدان عالمي ڪرڪيٽ کي ڪيئي يادگار مئچون ڏنيون جتي ڪرڪيٽر ڪرڪيٽ کيڏڻ پاڻ لاءِ  وڏو اعزاز سمجهندا هئا. جتي ڪڏهن عالمي ڪرڪيٽ جا عالمي ايونٽ ٿيندا هئا. جيڪو ميدان آءِ سي سي جي پهرين ترجيح هوندو هو اڄ اڪيلو آهي . هي  ميدان وري اهي ايونٽ ڏسڻ چاهي ٿو پنهنجي دور جا عظيم ڪرڪيٽر ڏسڻ چاهي ٿو . ۽ وري عالمي ڪرڪيٽ کي هڪ نه وسرندڙ ياد ڏيڻ چاهي ٿو. پر ان لاءِ آءِ سي سي ۽ امارات ڪرڪيٽ اختيارين کي ان مسئلي تي سنجيدگي سان سوچ ويچار ڪرڻي پوندي ڇاڪاڻ تي هي رڳو هڪ ميدان ناهي هي ان جينٽلمين راند جي هڪ پوري تاريخ آهي ان کي ائين اداس نه ڪيو وڃي برباد نه ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هڪ بهترين سگهڙ ميان پير بخش پيرل مڱريو :مهتاب علي مڱريو 

  سگهڙ فقير ميان پير بخش (پيرل) مڱريو سنڌ جو صف اول جو ڀلوڙ سگهڙ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے