21 بدھ , نومبر 2018

هاريءَ جي پٽ، اٺين ڪلاس جي ذهين شاگرد نياز حسين جوڻيجي سان ڳالهه ٻولهه…. انسانيت جي خدمت ڪرڻ اصل ۾ وڏي عبادت آهي:انٽرويو: ساجد مسڻ

پيارا ٻارو! اڄ اسان اوهان کي هڪ ذهين شاگرد نياز حسين جوڻيجو جي باري ۾ ٻڌائيندا سين، جيڪو پڻ منزل ماڻڻ لاءِ محنت واري عمل ۾ مصروف آهي.

نياز حسين ولد اياز حسين جوڻيجو جو جنم پنهنجي ئي اباڻي ڳوٺ چنهڙ ۾ ٿيو.

اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته جيڪي ٻار شرارتي هوندا آهن، اهي ئي اصل ۾ ذهين ٻار هوندا آهن، انهن شرارتي ٻارڙن ۾ نياز حسين جو ڳاڻيٽو به ٿئي ٿو. هي ننڍي هوندي کان ئي حرڪتي ۽ حرفتي رهيو آهي، پر هن ننڍي عمر ۾ به پنهنجي والد صاحب جو بني باري واري ڪم ۾ ٻانهن ٻيلي رهيو آهي،

نياز حسين جو چوڻ آهي ته مان صبع جو بابا سائين سان گاه ڪرڻ به ويندو آهيان، موٽي اچي جلدي تيار ٿي اسڪول به ويندو آهيان، اسان ڳوٺن ۾ ٻني ٻاري جو ڪم عام جام آهي، جنهن جي ڪري اسان سڀني شاگردن کي اڪٽر ڪري اهو ڪم ڪرڻو ئي پوي ٿو.

نياز حسين پرائمري جا پنج درجا پنهنجي ئي اباڻي ڳوٺ چنهڙ ۾ پڙهيا، ڇاڪاڻ ته هاڻي ان ڳوٺ ۾ چنهڙ جو ئي تعليم دوست، انسان دوست ۽ همدرد هيڊ ماستر قربان علي جوڻيجو ئي مقرر ٿي آيو آهي، جيڪو پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول جي ٻارڙن کي تعليم پرائڻ لاءِ  سٺا موقعا ڏئي رهيو آهي. پنهنجي ڳوٺ جي تعليم سنوارڻ ۽ وڌائڻ لاءِ هي ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيو آهي جيڪو عمل تعريف جوڳو آهي.

نياز حسين هن وقت گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول نصير آباد ۾ اٺين ڪلاس ۾ پڙهي رهيو آهي، سرڪاري اسڪول ۾ پڙهڻ باوجود هي ڪلاس ۾ سٺو پر فارم ڪري ٿو.

نياز حسين ڀائرن ۾ ٻئي نمبر تي آهي، جڏهن ته هن کي پنج ڀينر آهن. پڙهڻ جي ڪري هي والدين جو لاڏلو پٽ پڻ آهي. نياز جي مطابق اسان وٽ سنڌ ۾ غربت وڌيڪ آهي، ان سبب جي ڪري اسان جا شاگرد اسڪولن کان غير حاضر رهن ٿا، سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ اڄ به ٻارڙن کان جبري پورهيو ورتو وڃي ٿو، ان سبب جي ڪري اسان وٽ تعليمي تناسب ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي.

هن چيو ته اڄ ڪالھه ميڊيا ٻارڙن جي مسئلن کي باقائدي اٿاري رهي آهي ان سبب ڪري به ڪجهه جبري پورهيو گهٽيو آهي، پر اسان وٽ جيڪي ٻارڙن جي حوالي سان اين-جي-اوز ڪم ڪري رهيون آهن، انهن جي ڪارڪردگي به ڦوٽون سيشن تائين محدود آهي.

نالي ماتر پروگرام ڪرائي لفظي ڪارڪردگي ڏيکاري وڃي ٿي.

هن جي زندگيءَ جو مقصد استاد ٿيڻ آهي، هن چيو ته مان پنهنجي ڳوٺ ۽ قوم جا ٻار سڌارڻ چاهيان ٿو، تعليم کانسواءِ ترقي ممڪن ئي ناهي، تعليم ئي ترقي جو واحد ذريعو آهي.

هن کي تقرير ڪرڻ جو گهڻو ئي شوق آهي،

نياز حسين کي پڙهائڻ ۾ پنهنجي جيجل ماءُ جو اهم ڪردار آهي، هن ٻڌايو ته امان چوندي آهي ته محنت ڪندين ته ڪامياب ٿي ويندين، محنت ئي انسان کي ڪامياب ڪرائيندي آهي،

هن ٻڌايو ته ٻهراڙي جا ٻار ٻني ٻاري واري ڪم جي ڪري وڌيڪ پڙهي نه ٿا سگهن. اهي والدين جي ڪم ڪار ۾ سهارو بڻجن ٿا، باقي ٻهراڙي جي ٻارن ۾ وڌيڪ ذهانت ٿئي ٿي.

هن جو چوڻ آهي ته وقت ۽ حالت سان تبديلي اڻ ٽر هوندي آهي، ٻهراڙي ۾ به تعليمي حوالي سان تبديلي آئي آهي، پر اسان وٽ جيئن ته مان مٿي ٻڌائي آيو آهيان ته غربت وڌيڪ آهي ان ڪري اسان جا سنڌي ڀائر تعليم پرائڻ کان لاچار آهن.

هن جو خيال آهي ته جيڪو شاگرد صرف تعليم ۾ ئي ڌيان ڏئي ٿو اهو ئي جلدي ڪامياب ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته هن جو هڪ ذهن آهي، هڪ طرفو ٿي، محنت ڪرڻ سان ماڻهو کي منزل ملندي آهي.

آخر ۾ پڙهندڙ کي هن پيغام ڏنو ته انسانيت جي خدمت ڪرڻ اصل ۾ وڏي عبادت آهي، اسان کي گهرجي ته غريب عوام جي خدمت ڪيون، وس وارن کي اپيل ڪندس ته غريب شاگردن جي مالي مدد ڪن ته جيئن اهي تعليم جهڙي عظيم زيور کان محروم نه رهن، اڄ سائنس ٽيڪنالاجي ڪيتري ترقي ڪئي آهي،پر افسوس جو اسان اڃا تائين سماجي اڍنگن ريتن رسمن ۽ رواجن ۾ ڦاٿل آهيون.

اسان کي گهرجي ته اڄ جي جديد دور مطابق زندگي گذاريون.

شاگردن لاءِ آخر ۾ نماڻو عرض ته محدود وسيلن هوندي پنهنجي محنت جاري رکو، هڪ ڏينهن اوهان جي محنت اوهان جو سهارو بڻجي اوهان کي ڪامياب ڪرائيندي، محنت ۾ ئي عزت ۽ عظمت آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

زرعي گدلاڻ ۽ فصلن جون بيماريون:طالب سولنگي

زرعي گدلاڻ بابت ويچار ڪبو ته اسان کي ڪيترائي ڪارڻ نظر ايندا، جن جي ڪري …