21 اتوار , اکتوبر 2018

ايشيا ڪپ: پاڪستاني ٽيم ڀارت خلاف 162 رنسن تي ڍير

دبئي (اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ جي پنجين ميچ ۾ قومي ٽيم ڀارت خلاف پهريان بيٽنگ ڪندي 162 رنسن تي ڍير ٿي وئي. دبئي ۾ سرفراز احمد ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو غلط ثابت ٿيو ۽ پاڪستاني بيٽسمين هڪٻئي پويان آئوٽ ٿيندا رهيا. ٽن رنسن تي ٻه وڪيٽون ڪرڻ کانپوءِ بابر اعظم ۽ شعيب ملڪ ٽيم کي ڪجهه سهارو ڏنو پر اهي به ترتيب وار 47 ۽ 43 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويا. ٻين رانديگرن ۾ فهيم اشرف 21 ۽ محمد عامر 18 رنسون ٺاهي اڳڀرا رهيا. آصف علي 9 ۽ ڪپتان سرفراز احمد 6 رنسون ٺاهيون. ڀارت طرفان ڀونيشور ڪمار ۽ ڪيدر جاڌو 3-3، جڏهن ته جسپريت بمرا 2 ۽ ڪلديپ يادو هڪ وڪيٽ ورتي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف سان قانوني صلاحڪارن جي ملاقات، ٻڌڻي هيٺ ڪيسن تي مشورا

جاتي امرا ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پنهنجي قانوني صلاحڪارن سان احتساب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے