17 ہفتہ , نومبر 2018

نيوز | ڊگهڙي: پيرسن پاران پوٽي جي گرفتاري خلاف احتجاج

ڊگهڙي ۾ نوجوان جي مبينا گرفتاري خلاف سندس پيرسن ڏاڏي ۽ ڀيڻ پاران احتجاج ڪيو ويو.

پريس ڪلب ۾ ڳوٺ الله جڙيو جروار واسي امجد جرواري جي مبينا گرفتاري خلاف سندس ڏاڏي امام زادي ۽ ڀيڻ صغران دانهيو.

پيرسن عورت الزام هنيو ته سندن نوجوان پٽ امجد جروار حيدرآباد لاءِ روانو ٿيو، جنهن بعد کين خبر پئي ته سم سور هڏي پوليس جي اهلڪارن بااثر جي چرچ تي کيس گرفتار ڪيو آهي.

نوجوان جي وارثن ڊي آءِ جي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو ته سندن نوجوان کي آزاد ڪرائي ساڻن انصاف ڪري.

هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ڄاڻايل پوليس اهلڪارن ٻڌايو ته هنن نوجوان امجد کي گرفتار ڪيو هو، پر هو وجهه وٺي فرار ٿي ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ | لاڙڪاڻو: موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ 2 حياتيون کسي ورتيون

لاڙڪاڻي ۾ موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ دوران ٽڪر لڳڻ ڪري زال ۽ مڙس ٿڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے