21 اتوار , اکتوبر 2018

نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر اڊيالا جيل مان آزاد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ايون فيلڊ ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، سندس ڌيءُ مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر جي سزا معطل ڪرڻ کانپوءِ کين اڊيالا جيل مان آزاد ڪيو ويو.  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان آزادي جو حڪم ملندي ئي شهباز شريف، جنيد صفدر ۽ ٻيا اڳواڻ اڊيالا جيل پهتا، جڏهن ته ڪارڪنن جو پڻ وڏو انگ جيل پهتو ۽ نواز شريف جي حق ۾ نعريبازي ڪئي وئي. نواز شريف جي آزادي کي نظر ۾ رکندي ن ليگ اڳواڻ جاويد هاشمي، مرتضيٰ عباسي، سردار نسيم خان سميت ٻيان به جيل ٻاهران گڏ ٿيا. آزادي جو حڪم ايندي ئي ن ليگ ڪارڪنن خوشي جو اظهار ڪندي مٺائي ورهائي. طارق فضل چوڌري هاءِ ڪورٽ طرفان جاري ڪيل حڪم اڊيالا جيل کڻي پهتو هو، جنهن کانپوءِ نواز شريف، مريم ۽ صفدر کي آزاد ڪيو ويو، جڏهن ته اڳوڻي وزيراعظم وڃڻ کان اڳ جيل عملي سان ملاقات ڪئي. اڊيالا جيل اختيارين موجب نواز شريف، سندس ڌيءُ ۽  ڪيپٽن (ر) صفدر کي سخت سيڪيورٽي ۾ جيل جي گيٽ نمبر 1 کان ٻاهر ڪيو ويو پر راولپنڊي ۽ خاص طور جيل ٻاهران ڪارڪنن جي وڏي انگ سبب روڊ بلاڪ ٿيڻ جي ڪري نواز شريف جي گاڏين کي ڪجهه دير لاءِ جيل ۾ ئي روڪيو ويو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچيءَ ۾ ننڍي چونڊ: ڪنهن ڪٿي ووٽ ڪاسٽ ڪيو؟

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ڪراچيءَ ۾ ننڍي چونڊ دورن ناليوارين شخصيتن پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے