20 ہفتہ , اپریل 2019

ڀارت ۾ هڪ ئي وقت 3 طلاقون ڏيڻ تي سزا جي منظوري

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪابينا هڪ ايگزيڪيوٽو آرڊر جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن تحت هڪ ئي وقت 3 ڀيرا طلاق ڏيڻ واري عمل تي سزا ٻڌائي سگهبي. سپريم ڪورٽ ان عمل کي گذريل سال ئي غير قانوني ڏنو هو پر وزيراعظم نريندر موديءَ جي حڪومت جي خواهش هئي ته هڪ ئي وقت 3 ڀيرا طلاق ڏيڻ کي هڪ اهڙو عمل قرار ڏنو وڃي، جنهن سان اهڙو قدم کڻندڙ جي رهائي نه ٿي سگهي ۽ کيس 3 سالن تائين جي سزا به ٻڌائي سگهجي. ڀارت جي قانون واري وزير روي شنڪر پرساد جو چوڻ هو ته ڪابينا اها منظوري ان ڪري ڏني، ڇو ته اهو سلسلو اڃا تائين جاري آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو… عمر ايوب وڏي دعويٰ ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائي بابت وفاقي وزير عمر ايوب چيو آهي ته پاور ڊويزن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے