16 منگل , اکتوبر 2018

عالمي فوجداري عدالت روهنگيا مسلمانن خلاف ڏوهن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي

دي هيگ (ويب ڊيسڪ) عالمي فوجداري عدالت روهنگيا مسلمانن خلاف ڏوهن جي عبوري جاچ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. شروعاتي طور روهنگيا مسلمانن خلاف ڪريڪ ڊائون ۽ کين ملڪ بدر ڪرڻ بابت شاهديون گڏ ڪيون وينديون ۽ پوءِ ان معاملي جي جاچ شروع ڪئي ويندي. اها ڳالهه اهم آهي ته ميانمار ”روم معاهدي“ تي صحيح نه ڪئي هئي، جنهن تحت اها عالمي عدالت قائم ٿي پر عالمي عدالت جو چوڻ آهي ڇو ته ان معاملي ۾ سرحد پار ڪري روهنگيا ماڻهو ان ملڪ ۾ داخل ٿيا، جيڪو عالمي عدالت جو حصو آهي، تنهن ڪري معاملي جي جاچ ڪري سگهجي ٿي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

خاشقجي معاملو، سعودي ۽ ترڪي جي گڏيل جاچ ٽيم قونصل خاني پهچي وئي

استنبول + واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) سعودي صحافي جمال خاشقجي واري معاملي جي جاچ جي سلسلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے