21 اتوار , اکتوبر 2018

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو ڏئي سگهجي ته هاءِ ڪورٽ جي ججن ڪنهن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو. اهڙن خيالن جو اظهار هن خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو. سندس چوڻ هو ته عدالت طرفان اڃا مختصر فيصلو آيو آهي، في الحال ڳالهائڻ ممڪن ناهي، تحريري فيصلي کانپوءِ صورتحال واضح ٿيندي. اعتزاز احسن چيو ته هاءِ ڪورٽ جا جج ايمانداري سان قانون تي عمل ڪندا آهن، اهو تاثر درست ناهي ته ججن ڪنهن دٻاءَ ۾ اچي فيصلو ٻڌايو. هن چيو ته نواز شريف خوش نصيب آهي، تنهن ڪري کيس مبارڪ به ڏئي سگهجي ٿي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبن ۾ اتفاق راءِ سان ئي آبي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا: سرتاج عزيز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ناليواري اقتصاديات جي ماهر سرتاج عزيز چيو آهي ته صوبن اتفاق رائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے