18 جمعرات , اکتوبر 2018

نواز شريف جي آزادي کي پ پ چيئرمين رليف قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر جي آزادي کي شريف خاندان لاءِ رليف قرار ڏئي ڇڏيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي ردعمل ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي کانپوءِ شريف خاندان ڏکئي دور مان گذري رهيو آهي، ان صورتحال ۾ عدالت جي قانوني پهلوئن تي ڪمينٽ نٿا ڪري سگهون، اڃا عدالتن کي اپيلن تي فيصلو ڪرڻو آهي، ڪيس ختم ناهي ٿيو. سندس چوڻ هو پيپلز پارٽي کي يقين آهي ته عدالتون ڪنهن سياسي انتقام جو حصو نظر نه اينديون، قانون جي حڪمراني ۽ آزاد عدليا ڪنهن به جمهوري نظام لاءِ ضروري آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ديوسائي ۾ برفباري سبب رابطو ڪاٽا، پرڏيهي سميت ڪيترائي سياح ڦاسي پيا

گلگت بلتستان ( ويب ڊيسڪ ) اترين علائقن ۾ سرديءَ جي موسم شروع ٿيندي ئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے