20 ہفتہ , اپریل 2019

سعودي حڪومت جيان ڪرپشن خلاف جنگ ڪنداسين: وزيراعظم عمران خان

جدا (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سعودي عرب جيان اسان جي حڪومت به ڪرپشن خلاف جنگ ڪندي. سعودي عرب جي دوري دوران عرب ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته رياض حڪومت ضرور پوڻ تي سدائين پاڪستان جي مدد ڪئي، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا مضبوط ۽ پائيدار آهن. هن ڪرپشن خلاف سعودي حڪومت جي قدم کي ساراهيندي چيو ته پاڪستاني حڪومت به اهڙي ئي ريت ڪرپشن خلاف وڙهندي. هوڏانهن سعودي عرب ۾ پاڪستاني ڪميونٽي کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي اهميت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي، اهي اسان جي ضرورت آهن. سندس چوڻ هو ته اوور سيز پاڪستانين جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، پاڪستان ۾ 5 لک گهرن جي تعمير فوري طور شروع ڪئي پئي وڃي، ان لاءِ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي سيڙپڪاري جي دعوت ڏينداسين. عمران خان چيو ته گڊ گورننس نه هجڻ ۽ ڪرپشن سبب ادارا تباهه ٿيا، ادارن جا سڌارا ترجيحن ۾ شامل آهن، اوور سيز پاڪستانين جي سهولت لاءِ خاص ڊيسڪ ٺاهينداسين. هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي لاڳاپن کي وڏي اهميت حاصل آهي، اسان اوور سيز منسٽري تي ڪم ڪري رهيا آهيون، گڊ گورننس تي ڌيان آهي، سياحت جي شعبي کي متحرڪ ڪنداسين.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو… عمر ايوب وڏي دعويٰ ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائي بابت وفاقي وزير عمر ايوب چيو آهي ته پاور ڊويزن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے