21 اتوار , اکتوبر 2018

حڪومت پاران گردشي قرضن جي مد ۾ 50 ارب رپيه فوري طور جاري ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) حڪومت طرفان گردشي قرضن جي مد ۾ 50 ارب رپيه فوري طور ادا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب 50 ارب رپيه جاري ڪرڻ جو فيصلو آءِ پي پيز طرفان بجلي جي پيداوار بند ڪرڻ جي ڌمڪي تي ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب محرام الحرام ۽ هفتيوار موڪلن سبب ادائيگي مرحليوار سومر جي ڏهاڙي کان ڪئي ويندي. ذريعن موجب سومر جي ڏهاڙي 34 ارب رپيه توانائي واري وزارت کي ڏنا ويندا جنهن بعد 16 ارب رپيه هلندڙ مهيني جي آخر ۾ ادا ٿيندا. ذريعن موجب گردشي قرضن جي ادائيگي لاءِ 50 ارب رپيه 8 پاڪستاني بئنڪن کان قرض ورتا ويا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبن ۾ اتفاق راءِ سان ئي آبي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا: سرتاج عزيز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ناليواري اقتصاديات جي ماهر سرتاج عزيز چيو آهي ته صوبن اتفاق رائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے