20 ہفتہ , اپریل 2019

بلوچستان سان لاڳاپيل افغانستان ۽ ايران جون سرحدون بند

 ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) محرم الحرام جي موقعي تي سڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي بلوچستان سان لاڳاپيل افغانستان ۽ ايران جي سرحدن کي ٻن ڏينهن لاءِ بند ڪيو ويو آهي. 9 ۽ 10 محرم الحرام جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ سڪيورٽي جا انتظام نهايت سخت ڪيا ويا آهن، ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کان بچڻ لاءِ بلوچستان جي علائقي چمن ۾ پاڪ افغان سرهد تي باب دوستي جڏهن ته تفتان ۾ پاڪ ايران سرحد تي زيرو پوائنٽ ۽ راهداري گيٽ ٻن ڏينهن لاءِ بند ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب افغانستان ۽ ايران سان هر قسم جا زميني آمدرفت ڇنڇر ڏينهن ٻيهر بحال ٿي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو… عمر ايوب وڏي دعويٰ ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائي بابت وفاقي وزير عمر ايوب چيو آهي ته پاور ڊويزن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے