23 منگل , اکتوبر 2018

مير مرتضيٰ ڀٽو جي شهادت جو ڏينهن

عرفان  منان

وقت جو ڪيڏو نه ورجاءُ آھي جو ھي ڏھاڙا ڏک ۽ غم جا آھن، چوڌاري ماتمي منظر ڏسڻ ۾ اچن ٿا، ۽ ان سان گڏوگڏ حق جي ھڪل به سربلند ٿي رھي آ. ناحق، ظلم ۽ ڏاڍ خلاف سر صدقو ڪندڙ حسين عليه السلام ۽ ساٿين جي شھادتن جي ڏھاڙا آھن ۽ ٻئي طرف انھن ئي ڏھاڙن ۾ مير مرتضي ڀٽو جي شھادت جو ڏھاڙو به آھي، ڏک، غم، ۽ درد جڏھن گڏجي پوندا آھن ته من ۾ زلزلو اچي ويندو آھي، ڪڏھن انھن وارتائن کي سھڻو به پوندو آھي، غم ۽ ڏک برداشت ڪرڻ به ھڪ قسم جي بھادري آھي، دنيا جي تاريخ جا ورق  ان ڳالھه جي گواھي ڏيڻ لاءِ تيار بيٺا آھن ته ظالمن قوتن سان ھر دور ۾ ويڙھاند ٿي آھي، اھا ويڙھ قلم، ڪتاب، خيال، نظرئي، ثابت قدمي سان به وڙھي وئي آھي.

جڏھن ڊڪٽيٽر ضياءُ الحق، ذوالفقار علي ڀٽو جي سرڪار تي غير آئيني ۽ غير قانوني راتاھو ھڻي حڪومت کي ختم ڪيو ۽ ڀٽي صاحب کي گرفتار ڪري جيل ۾ بند ڪيو ته مير مرتضيٰ ۽ شاھنواز ڀٽو جلد ئي ملڪ مان جلاوطن ٿي ويا. ٻنھي ڀائرن جلاوطني وارو سڄو عرصو خاص ڪري اسلامي  ملڪن ۾ گذاريو ،جڏھن اھي ڪابل ۾ هئا تڏھن ھنن اتان جي ھڪ غاليچن جي وڏي واپاري جي ٻن ڌيئرن سان يعني مير مرتضي فوزيه سان ۽ شاھنواز رحانا سان شادي ڪئي. مير شاھنواز ڀٽو جڏھن ڪابل کان فرانس جي ھڪ شھر پئرس ۾ رھائش اختيار ڪئي ته ڪجهه وقت کان پوءِ ھن جو موت پنھنجي ئي گھر ۾ پراسرار نموني ٿيو جنهن جو الزام سندس ئي گھر واري رحانا تي لڳو. جنھن کان پوءِ مير مرتضيٰ ڀٽي پنھنجي گھر واري فوزيه کي طلاق ڏئي ڇڏي. واضح رهي ته فاطمه ڀٽو ان فوزيه جي نياڻي آهي ۽ پوءِ مير عظيم ڏاهي خليل جبران خليل جي ديس لبنان جي ھڪ عورت غنويٰ سان شادي ڪئي جنھن مان کيس ذوالفقار جونئير پيدا ٿيو، غنوي ڀٽو ھن وقت پ پ شھيد ڀٽو جي چيئرپرسن آھي.

1981ع ۾ ڪراچي کان اسلام آباد اڏام دوران پي آءِ اي جي ھڪ جھاز کي هائجيڪ ڪري ڪابل ايئر پورٽ تي لاٿو ويو. هائيجيڪرن گروپ جي اڳواڻ جهانگير عرف ٽيپو سلطان نالي شخص پنھنجو واسطو الذوالفقار تنظيم سان ڄاڻايو ۽ هائيجيڪ ڪندڙ ان جھاز ۾ سوار ھڪ ميجر کي قتل ڪري جھاز مان ٻاھر اڇلي ڇڏيو. هائيجيڪرن مطالبن جي ھڪ طويل لسٽ جاري ڪئي جنھن ۾ تقريبن اھڙن 80 ماڻهن جي آزادي جي گھر ڪئي جيڪي ملڪ جي مختلف جيلن م بند هئا. انھن ۾ اڪثريت الذوالفقار تنظيم سان تعلق رکندڙ ھئي، پر ان لسٽ ۾ عوامي تحريڪ جو سربراهه رسول بخش پليجو ۽ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جو ڪامريڊ ڄام ساقي کان علاوه جيئي سنڌ جي قيد سياسي اڳواڻن خصوصن قادربخش جتوئي، علي حيدر شاهه ۽ شاهه محمد شاهه به شامل ھئا جيڪي ميجر ڪفايت ۽ شيرين سومرو واري مشھور ڪيس ۾ قيد ھئا. ان سان گڏوگڏ ھائجيڪرن هڪ ٻيو اھو به مطالبو ڪيو ته کين باحفاظت شام جي گادي واري شھر دمشق ۾ ھائيجيڪ ٿيل جھاز سميت پهچايو وڃي ۽ ڪجهه روڪ رقم به ڏني وڃي. پاڪستاني فوجي حڪومت سندن سمورا مطالبا منظور ڪيا پر رسول بخش پليجو ۽ ڄام ساقي ڪجهه ٻين هائيجيڪرن سان گڏجي شام وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. پر پوءِ ٿيو ائين جو شامي حڪومت جي ٽياڪڙي سان جھاز ھائيجيڪنگ وارو معاملو حل ٿي ويو. بس پوءِ ان وقت جي فوجي حڪومت ان ھائجيڪنگ ۽ ھڪ فوجي آفيسر جي مارجڻ  کان پوءِ مير مرتضيٰ ۽ الذوالفقار جي پويان ڪات ڪھاڙا کڻي تيار ٿي وئي ۽ شاهه بندر وارو واقعو به ان سلسلي جي ڪڙي هو. جنھن ۾ الذوالفقار تنظيم سان واسطو رکندڙ 8 سنڌي نوجوانن کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو.

ھڪ طرف فوجي حڪومت جي ھٽ لسٽ تي مير مرتضي ڀٽو ۽ الذوالفقار تنظيم جا اھم اڳواڻ ھئا ته وري ٻئي طرف الذوالفقار تنظيم جي ھٽ لسٽ تي فوجي حڪومت جا اھم ماڻهو ھئا. آمر جنرل ضياءُ جي ھوائي حادثي ۾ مارجي وڃڻ کان پوءِ اھو قصو اتي ئي ختم ڪيو ويو، 1988ع جي اليڪشن ۾ پ پ پ کٽي آئي محترمه بينظير ڀٽو ملڪ جي وزير اعظم ٿي وئي. تنھن هوندي به مير ۽ بينظير جا سياسي لاڳاپا بھتر نه رهيا ۽ محترمه جي حڪومت وقت کان اڳ ۾ ختم ٿي وئي.

1995ع ۾ مير مرتضيٰ ڀٽي ”پ پ شهيد ڀٽو“ جي نالي سان پارٽي قائم ڪئي ۽ ان جي پليٽ فارم تان ملڪ جي ڪيتري ئي قومي صوبائي تڪن تي خود مير ۽ سندس پارٽي جا اڳواڻ اليڪشن وڙهيا، پر بدقسمتي سان صرف مير مرتضيٰ ڀٽو لاڙڪاڻي جي صوبائي تڪ تان ايم پي اي ٿي ويو. واضح رھي ته مير صاحب انھن چونڊن دوران جلاوطن هيو، ۽ ھو ايم پي اي ٿيڻ کان پوءِ وطن واپس ورڻ جو اعلان ڪيو. محترمه ھڪ ڀيرو ٻيھر وزير اعظم ٿي چڪي ھئي ۽ ھن نه پئي چاهيو ته مرتضي ڀٽو سندس حڪومت ۾ وطن واپس اچي ۽ سندس حڪومت لاءِ سياسي مسئلا پيدا ڪري. پر مرتضيٰ ڀٽو  ڪراچي ائيرپورٽ تي عرب رياست جي ھڪ بادشاهه جي خاص جهاز جي وسيلي لٿو ته کيس ائيرپورٽ تان ئي گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو، ۽ ڪجھه وقت کان پوءِ ضمانت تي آزاد ٿي آيو. پوءِ هن پوري ملڪ پر خاص ڪري سنڌ صوبي ۾ پنھنجون سياسي سرگرميون شروع ڪري ڏنيون. جيئن ته مير مرتضيٰ ڀٽو جلاوطني جي دوران عرب رياستن ۽ مسلم ملڪن جي انقلابي اڳواڻن جي تمام ويجهو رهيو. ان ڪري سندس سوچ به انقلابي ۽ باغيانا قسم جي ھئي. اھو ئي سبب ھو جو ھو جن جن شھرن ۾ مير ويندو ھو ته ان شھر جي ڪرپٽ آفيسرن کي سڌري وڃڻ جو چوندو ھو.

بظاھر ته مير مرتضي ڀٽو کي ايس ايڇ او حق نواز سيال ھٿان شهيد ڪرايو ويو، پر ان گھري ۽ خطرناڪ سازش ۾ ڳجها ھٿ ھئا. عالمي طاقت کي وڏو خدشو ھو ته جيڪڏهن مير مرتضي ڀٽو پاڪستان جو وزير اعظم بڻجي ويو ته ھو پاڪستان جي ائٽمي ٽيڪنالاجي انھن عرب رياستن ۽ مسلم انقلابي حڪومتن ڏانھن منتقل ڪندو. افسوس جي ڳالهه اھا به آھي ته مير صاحب کي پنھنجي ڀيڻ جي حڪومت ۾ قتل ڪيو ويو ۽ وري تعجب جي ڳالهه پڻ اھا به آھي ته تيرنهن سالن کان پوءِ مير صاحب جي قتل ۾ ملوث ماڻهن کي پ پ پ جي حڪومت دوران باعزت بري ڪيو ويو.

نظرياتي اختلاف پنھنجي جاءِ تي باقي مير مرتضي ڀٽو ھڪ بھادر اڳواڻ ھيو، اھڙي بھادر اڳواڻ هڪ چونڊيل ايم پي اي ۽ ان وقت پاڪستان جي وزير اعظم (محترمه بينظير ڀٽو) جي ڀاءُ کي ايڏي بي رحمي سان قتل ڪيو ويو اھا ڄاڻ اسان مان سڀني کي آھي، مير وقت جي ظالمن سان ڏاڍي سورھيائي سان وڙھيو ۽ رات جي رھزنن ھٿان ماريو ويو، ڪيئي ورهيه وھامي وڃڻ کان پوءِ به مير کي مظلوم ماڻھو ياد ڪن ٿا. واقعي اھڙا انسان وقت جي سيني تي پنھنجا نقش چٽي ڇڏيندا آھن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وعدن جي برکا ۽ وڌندڙ مايوسيون!

شفيق الرحمان شاڪر پاڪستان ۾ سسپينس جو سمنڊ وهائڻ ۽ انهيءَ سمنڊ ۾ ٽٻيون هڻڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے