21 اتوار , اکتوبر 2018

گلوبل درد جي دنيا

ڊاڪٽر غفور ميمڻ

هڪ بين القوامي تنظيم جي سروي مطابق دنيا ۾ ڏک ، ڳڻتيون ۽ پريشانيون وڌيون آهن ۽ خوشيون گهٽجي ويون آهن. ڏکارن ملڪن ۾ وچ افريڪا، عراق، شام، ڀارت ۽ پاڪستان سرفهرست آهن. انهيءَ تنظيم جو هڪ ٻيو سروي آهي ته دنيا ۾ اٺ لک ماڻهو هر سال آپگهات ڪن ٿا، يعني هر  چاليهن سيڪنڊن ۾ هڪ ماڻهو پاڻ کي ماري ٿو.

اهڙي طرح  دنيا ۾ پنجون نمبر آبادي وارو ملڪ پاڪستان آهي، جنهن جو ساليانو آبادي وڌڻ جو سيڪڙو دنيا جي پهرين   پنجن ملڪن  ۾ آهي يعني سڀ کان وڌيڪ تيزي سان آبادي ۾ اضافو ڪندڙ ملڪ. وري دنيا ۾ آن لائن خريداري هڪ ارب 66 ڪروڙ جي  گذريل سال ٿي، جنهن ۾ پاڪستان سڀ کان اڳيان آهي. خريدارن ۾ وچئين طبقي جا ماڻهو وڌيڪ شامل آهن.جيڪي ڏيکاءَ لاءِ انٽر نيٽ ذريعي خريداري ڪن ٿا. يعني سڄِي يورپ ۾ ايتري خريداري نٿي ٿئي. وري اسان بين القوامي نفسياتي تنظيمن جي رپورٽ کي ڏسنداسين جن گذريل مهيني هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ته دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ مريض نفسياتي روڳ جا آهن. اسان جيڪو 2020ع  تائين اندازو رکيو هو ته هن سال تائين ڪيترا مريض ٿيندا. اهي  2010 ع ۾  ئي پورا ٿي ويا.  هن وقت وڌ ۾ وڌ مريض وچ ايشيا ۾ پيدا ٿي رهيا آهن. جيڪي رڪارڊ تي ناهن. يعنيٰ گهڻا ماڻهو نفسياتي مريض آهن پر علاج نٿا ڪرائن، بلڪ هو پاڻ کي مريض سمجهن ئي نٿا. اهڙي طرح دنيا ۾ نفسياتي مريضن جو تعداد تيزي سان وڌي رهيو آهي، توهان ڏسندا ته خودڪشيون، وڌندڙ طلاقون، غير اخلاقي حرڪتون،  قتل عام،  منشيات جو واهپو تمام تيزي سان وڌي رهيو آهي.

اچو ته غور ڪريون ته دنيا ههڙي قسم جي صورتحال  ۾ ڇو اچي ويئي آهي. جڏهن ته ٻي عالمي جنگ ۾ به ايترو درد دنيا نه ڀوڳيو هو. ايترا نفسياتي مريض پيدا نه  ٿيا هئا. آخر اچتو دنيا ۾ ڪهڙي تبديلي آئي آهي جو ڀاءُ ڀاءُ کان ڌار ٿي ويو آهي. ڪير ڪنهن کي برداشت نٿو ڪري. خوشيون موڪلائي ويون آهن. هر طرف ڏک آهي. ماڻهو ماڻهو کي ٿو کائي.

1990ع تائين دنيا ۾ ٻه نظام هئا هڪ سوشلزم جو جنهن جو بنياد  مقدار کان ڪيفت  واري فارمولي تي رکيل هو. جنهن ۾ دولت جي تقسم  برابري جي بنياد تي ٿيل هئي. جنهن ۾ ڪنهن کي به ايتري ذاتي ملڪيت رکڻ جي اجازت نه هئي جنهن مان هو ٻئي جو استحصال ڪري سگهي. هن نظام ۾  پرولتاري آمريت هئي. ڪنهن به دولت جي نمائش ڪرڻ يا دولت جي واڌاري لاءِ مقابلي ڪرڻ جي اجازت نه هئي. ٻيو نظام سرمائيداري هو جنهن  جو بنياد مقابلي بازي تي رکيل هو. هن نظام ۾ پيداوار ضرورت مطابق نه پر مارڪيٽ ۾ کپت مطابق پيدا ڪئي ويندي هئي. هن نظام ۾ ڪيتري به دولت گڏ ڪري سگهبي هئي. هن نظام ۾ هر دولت مند کي حق هو ته  ٻئي جو استحصال ڪري وڌيڪ دولت ڪمائي.

ڪارل مارڪس چيو هو ته دنيا سائنسي ترقي ڪري  گلوبل ڪميونزم ۾ داخل ٿيندي. جنهن۾ انسان پنهنجي  بچاءَ ۾ اڃا به سگهارو ٿيندو. مقابلي يا ڏيکاءَ مان نڪري هو فطرت مان هزارين سهولتون حاصل ڪري پاڻ کي سگهارو ڪندو. اصل انسان تڏهن وڃي پيدا ٿيندو.  صحيح خوشي تڏهن ملندي. جڏهن انسان مڪمل   استحصال کان آجو ٿيندو.پاڻ ۾ يا سماجي مقابلي مان فارع ٿي فطرت جي ارڏن قانون جو مقابلو ڪندو.  1990ع کان پوءِ سوشلسٽ نظام هارائي ويو. مقابلي جو نظام کٽي ويو.  ڪارل مارڪس جي سائنسي ڪميونزم جي بجاءِ گلوبل ڊجيٽلائيزڊ دنيا واپاري مارڪيٽ ۾  تبديل ٿي ويئي. سائنسي طور موبائل، ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ، ڊش اينٽينا ڪلچر  دنيا کي پاڻ ۾ ڳنڍي ڇڏيو. سرمائيداري نظام هڪ وڏي گلوبل مقابلي بازي جي دنيا ۾ داخل ٿي ويو. هونءَ به جڏهن هڪ ڌر هارائيندي آهي ته  رد عمل ۾ ٻي ڌر جا نشان به ختم ڪري ڇڏيندي آهي. انهيءَ ڪري سرمائيداري رد عمل اڃا وڌيڪ خطرناڪ ٿي اڀريو. ان کان پوءِ گلوبل ڪلچر دنيا کي مارڪيٽ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. مرڪزيت ختم ٿي ويئي. ضد ختم ٿي ويا، سچ ۽ ڪوڙ جو فرق ختم ٿي ويو.  اخلاقي قدر ختم ٿي ويا. نظرين جو دور ختم ٿي ويو. ان جي جڳهه تي وکر جو دور ، مقابلي بازي جو دور، استحصالي جو دور، ٺڳي جو دور، هر حال ۾حصول جو دور، ڏيکاءَ جو دور، شروع ٿي ويو.  انسان کي هڪ بيڪار حصول جي جنگ ۾ مبتلا ڪيو ويو آهي جيئن هو مارڪيٽ جو خريدار ٿي سگهي. مارڪيٽ جو وکر ٿي سگهي، مارڪيٽ لاءِ جيئي ۽ مارڪيٽ لاءِ مري.

ان لاءِ هائپر ريئلٽي  ۽ بليڪ هيومر جو تصور اڀاريو ويو. معنيٰ حقيقت جي طرز  تي نقلي شيون ٺاهي انهن کي حقيقت کان وڌيڪ اهميت ڏني ويئي. بليڪ هيومر جو مطلب ته ڏکن ، تي المين تي، ٻين جي پريشانين کي سيليبريٽ ڪريو انهن جي ڏکن، اذيتن مان به پئسا ڪمايو ، يا انهن جي پريشانين تي پنهنجي مشهوري ڪريو ، جيئن توهان ڏٺو  ڪلثوم نواز جو جنازو  کڻي پيا وڃن ۽ هزارين ماڻهو سيلفين ڪڍڻ ۾ پورا هئا. يا هزارين بي روزگار ماڻهن کي جعلي ڪمپنيون روزگار جو دلاسو ڏيئي ڪروڙين رپيا ڪمائينديون آهن، يا ڪو بيمار اسپتال وڃي ۽ ڊاڪٽر ان مان لکين رپيا ڪمائن. ڪنهن جو روڊ تي ايڪسيڊنٽ ٿئي ماڻهو ان جي مدد ڪرڻ بجاءِ مووي پيا ڀرين، پاڙي ۾ ڪو جهيڙو ٿئي ماڻهن کي ڇڏائڻ بدران مووي  ڀري ويندي آهي. انهيءَ سڄي ڪم ۾ ميڊيا جو اهم ڪردار آهي، جنهن کي پنهنجو ڪاروبار مچائڻ لاءِ اشوز پيدا ڪرڻا آهن، بليڪ ميلنگ ڪرڻي آهي. هٿرادو مسئلا پيدا ڪري ماڻهن کي ذهني عذاب  ۾ مبتلا ڪرڻو آهي،  بريڪنگ نيوز ۾ گوءِ کڻڻ لاءِ هر مسئلي  ۾ ڇتپڻو پيدا ڪري ماڻهن  ۾ انتشار پيدا ڪرڻو آهي.

مطلب ته سچ جو تصور گم ٿي ويو آهي، جنهن شيءَ جي مارڪيٽ ۾ کپت آهي اها ئي سچ آهي. ماڻهن ضمير نئون ٺاهي ورتو آهي ، جنهن ۾ هر گناهه ڪريو هر ظلم ڪريو ، هر بدمعاشي ڪريو پر ضمير ۾ ڪا به چهنڊڙِ ي نٿي پوي . ماڻهو ۾ اها ئي مستي آهي . بي حسي  ايتري جو پاڻ به مري رهيو آهي پر ڳڻتي دولت ڪمائڻ جي ، اسٽيٽس جي . هاڻي  مذهب جي جيڪڏهن مارڪيٽ ۾ کپت آهي ته سچ اهو ئي آهي. ته ان کان وڌيڪ ڪو اخلاقي قدر ناهي، جيڪڏهن گلا ڪرڻ ۾  مزو اچي ٿو ته مارڪيٽ  ۾ ان جي کپت آهي.  ايجاد ضرورت جي ماءَ ٿي ويئي آهي. هاڻي روز ايجادون ڪريو. ماڻهن کي ان جو عادي ڪريو بلڪ ان لاءَ اسٽيٽس، ڪريئر پلاننگ جهڙا اصطلاح وجود ۾ آيا آهن. ماڻهو مقابلي جي ڊوڙ ۾ سڀئي قدر لتاڙي ويو آهي. رشتا ناتا، اخلاق، ڪلچر، تاريخ ، رواداري، سهپ، پيار ،  توڪل ،  عقل، علم، فهم ۽ ادراڪ جهڙا قدر سڀئي ختم ٿي ويا آهن. انسان اڪيلو ٿي ويو. جنهن کي صرف مارڪيٽ ۾ مقابلو ڪرڻو آهي مارڪيٽ مان مراد سڄي دنيا آهي. گهر به مارڪيٽ آهي، مندر به مارڪيٽ آهي، اسڪول به مارڪيٽ آهي، اسپتال به مارڪيٽ آهي، اسيمبلي به مارڪيٽ، سياست به  واپاري مارڪيٽ، ميڊيا سڀ کان وڏي مارڪيٽ آهي بلڪ مارڪيٽ جي  سرواڻ  آهي مطلب سڀ ڪجهه خريد و فروخت لاءِ آهي.

انهيءَ صورتحال ۾ انسان ڇا حاصل ڪيو آهي ڇا وڃايو آهي هاڻ انهيءَ تي غور ڪنداسين، صورتحال اها آهي ته ماڻهو سڄو ڏينهن اليڪٽرانڪ ڪاڪ محل ۾ گم آهي، هن وٽ رابطا ڪاري آهي. پر رشتا ناهن، پئسا آهن پر احساس ڪونهي. دولت آهي ، عمارتون، آهن گاڏيون آهن، اسٽيٽس آهي پر سڪون ڪونهي، سهپ ناهي، هر وقت ساڙ، حسد، ڪروڌ، ٻئي کي گهٽ ڏيکارڻ، گلا خوري، ٺڳي، جنون، ڪاوڙ، اڪيلائي، هوس، لالچ ، تشدد، دهشت گردي ۽ مَ سهپ وغيره ڪيترائي مسئلا اڀريا آهن، پر انهن کان به وڌيڪ خطرو اهو آهي ته ماحولياتي تبديلي، گلوبل وارمنگ، ڏڪار، پاڻي جي کوٽ ، خطرناڪ بيماريون ، زلزلا، ٻوڏون ، بک بدحالي، غربت، آبادي جو دٻاءُ، بي روزگاري ، گندگي، وغيره جهڙيون وبائون  تيزي سان وڌي رهيون آهن . انسان ويچارو جانور بنجي ويو آهي. جنهن کي صرف مقابلو ڪرڻو آهي، انهيءَ ڊوڙ ۾ جيڪو ڪريو اهو لتاڙجي ويندو، مطلب ماڻهو کي هڪڙي شينهن تي سوار ڪيو ويو آهي جنهن تي سفر ڪرڻو اٿس جي هيٺ لهندو ته شينهن کائي ماري ڇڏيندس.

ٻي صورتحال اها پيدا ٿي آهي ته ماڻهو علم ۽ ادب کان ڪتابن کان ، وڏڙن جي صحبت کان ٻارڙن سان وقت گذارڻ کان پري ٿي ويو آهي. ماڻهو جو منهن موبائل ۾ آهي.

هاڻي ٻار کي ماءَ جي گود جي گرمائش جي بدران اڪيلائي جا ڇيڏڪ ملن ٿا،  هاڻي چنڊ، ڪتيون تارا ڪير نٿو ڏسي، هاڻي صبح جي هوا جا جهوٽا وسري ويا آهن، هاڻي موسمون نٿيون بدلجن، پکين جون لاتيون ٻڌڻ ۾ نٿيون اچن. هاڻي وڻن جي ڇانو ۾ ڪير نٿو ويهي، هاڻي ٻئي جي مدد لاءِ يا ڪنهن جي غرض ڇڏائڻ لاءِ ڪير اڳتي نٿو وڌي. هاڻي اصلي بيدو ۽ ڪڪڙ ڪير نٿو کائي. هاڻي ڪير به دانشور ناهي، ڪير به نظرياتي ناهي، ڪٿي به روحانيت ناهي، ڪٿي به مذهب ناهي، ڪٿي به  ڪچهريون ناهن،  هاڻي ماءَ جي لولي ناهي،  ناني جون آکاڻيون ناهن، چيڪلي جو ناچ ناهي، ڇلا، مورو، سهرا ، لاڏا ، هو جمالو، همرچو ڪير نٿو ٻڌي. هاڻي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڪير نٿو پڙهي. هاڻي نياڻي ست قران ناهي. هاڻي سڀ شريف  آهن ،هاڻي ڪو به خطرو ناهي ڇو ته   سڀني کي سڀني کان خطرو آهي.  سماج ۾ م سهپ، باغياڻو رويو  تمام گهڻو وڌي ويو آهي، هر ماڻهو پنهنجو ڪم ڪرڻ بجاءِ صرف جڳاڙ ڪرڻ ۽  ٻئي جي ڪم ۾ مداخلت ڪري ٿو.

انهيءَ ڪري گلوبل دنيا هڪ وڏي درد ۾ مبتلا ٿي پيئي آهي. انسان ويچارو سڀ ڪجهه وڃائي رهيو آهي،

هي به ڏسي سگهو ٿا

آئين ۽ صوبائي خودمختياري سان هٿ چراند

علي محمد ميمڻ ملڪ ۾تبديلي واري نئين وفاقي سرڪار اقتدار ۾ ايندي ئي ملڪ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے