21 اتوار , اکتوبر 2018

نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر جي آزادي: پيرا ڪيڏانهن ٿا وڃن

مبصر

ايون فيلڊ ريفرنس ڪيس ۾ ڪالهه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن(ر) صفدر جون سزائون معطل ڪري کين اڊيالا جيل مان آزاد ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو آهي. سندن آزادي تي جيترا آهن وات اوتريون آهن ڳالهيون. جيتوڻيڪ ايون فيلڊ ريفرنس واري ڪيس جي ڪمزوري جو تاثر  هو ۽ مسلم ليگ (ن) کي پڪ هئي ته اهو ڪيس جٽاءُ نه ڪري سگهندو، سياسي حلقن ۽ ميڊيا ۾ به اڳڪٿي ڪئي پئي وئي ته ان ڪيس ۾ نواز شريف کي رليف ملندوپر پوءِ به ماڻهن کان ڇرڪ ضرورو نڪتو آهي. ڇاڪاڻ ته ڪمزور ريفرنس باوجود ڪيس جي ٻڌڻين ۾دير ٿي رهي هئي پر تحريڪ انصاف جي حڪومت ٺهڻ کان پوءِ هڪدم اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فيصلو ٻڌايو آهي ڄڻ چونڊن ٿيڻ ۽ تحريڪ انصاف جي حڪومت ٺهڻ جو انتظار هو ۽ ائين نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر جون سزائون معطل ٿيون آهن جنهن نتيجي ۾ هي ٽئي آزاد ٿي ويا آهن.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي، سزائن جي معطلي ۽ جوابدارن جي آزادي جي حوالي سان پهريون تاثر اهو ملي ٿو ته ”ڊيل“ ٿي آهي. اُها ڊيل جنهن جو چرچو نواز شريف جي گهر واري بيگم ڪلثوم جي لاڏاڻي کانپوءِ ٿيڻ لڳو هو. وري وزيراعظم عمران خان جي سعودي عرب جي دوري جي موقعي تي آيل ان فيصلي ڊيل جا شڪ وڌائي ڇڏيا آهن.

تحريڪ انصاف جو ان اڳڀرائي تي رد عمل به ٿڌو آهي. اطلاعات جي وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ هو ته ”پاڪستان ۾ عدالتون آزاد آهن اسان عدالت جو مڪمل احترام ڪريون ٿا. “ پر سندس اهو به خيال هو ته عدالتي معاملا اڃا اڳتي وڌندا ۽ قانون پنهنجو رستو وٺندو.  قانوني ماهرن جو به چوڻ آهي ته ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزائون معطل ٿيون آهن ختم ناهن ٿيون. ٻيو ته نيب ان فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي. يعني  راند اڃا ختم ناهي ٿي، بال اڃا سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻو آهي.

هاڻي ان اڳڀرائي کانپوءِ ڪيترائي سوال پيدا ٿين ٿا. ڇا نواز شريف نئين پاڪستان ۾ پنهنجو ”بيانيو“ساڳيو رکندو. هو عمران خان جي حڪومت خلاف اونئن ئي تقريرون ڪري سگهندو،  جيئن چونڊن کان اڳ ڪندو هو، سياسي سرگرميون وڌائيندو، ٿڌو رهندو يا ملڪ کان ٻاهر هليو ويندو. يا اسٽيبلشمينٽ نواز شريف ۽ مريم نواز ذريعي عمران خان جي حڪومت مٿان پريشر وڌايو ويندو.

پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) جي ماضي جي حڪومت کي ڏسجي ته انهن کي به آرام سان حڪومت ڪرڻ نه ڏني وئي ته ڇا تحريڪ انصاف کي به آرام سان حڪومت ڪرڻ نه ڏني ويندي. يا نواز شريف جي ”آزادي“ ۽ ”گرفتاري“ جو معاملو ائين ئي هلندو رهندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آئين ۽ صوبائي خودمختياري سان هٿ چراند

علي محمد ميمڻ ملڪ ۾تبديلي واري نئين وفاقي سرڪار اقتدار ۾ ايندي ئي ملڪ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے