22 پیر , اکتوبر 2018

حڪومت کي عوام جي اميدن تي پورو لهڻ گهرجي

پي ٽي آءِ جي حڪومت اچڻ کانپوءِ عوام جون تمام گهڻيون اميدون ان سان سلهاڙجي ويون هيون ته هاڻي جيڪا ماضيءَ جي حڪومتن جي ڪارڪردگي رهي آهي عوام کي جيڪو حاصل ٿيو ۽ هڪ نئين نعري بلڪ ائين کڻي چئجي ته نئين پاڪستان جي نعري ته ڄڻ 1947ع کان به اڳ جا سونهري خواب ڏيکارڻ شروع ڪيا. جيڪڏهن ڪير پاڪستان جي خلاف نعرو هڻندو هو ته ان کي پاڪستان جو دشمن چئي جيل اماڻيو ويندو هو.

قائد اعظم محمد علي جناح جي ڪوششن سان ٺهرايل پاڪستان جي خلاف ڳالهائڻ معنيٰ جيل جي ديوارن ۾ وڃي آباد ٿيڻ، پر ويچاري عوام جيڪو ڀوڳيو ۽ ڏينهون ڏينهن ڳنڀير مسئلا ٿيندا پيا وڃن ان جي ڪري عمران خان جي انهيءَ واعدي عوام کي ڏاڍو متاثر ڪيو ته ”آئي گا عمران خان اب بني گا نيا پاڪستان“ عوام نه سمجهي پيو ته ڌرتي هنن جي پنهنجي آهي نه گهر بدلبا نه روڊ رستا بدلبا نه ڪي 1947ع وانگر لڏپلاڻ ڪرڻي پوندي بلڪه جيڪي بنيادي مسئلا آهن، روزگار، تعليم، صحت مستحقن جي ترقي، زراعت جي ترقي اهڙي نموني هن مالا مال ڌرتيءَ، جتي پهاڙ به آهن سمنڊ به  ٿر سرسبز ٻنيون، گئس جا وڏا ذخيرا، ڪوئلي جا پهاڙ، لوڻ جون کاڻيون مطلب ڪهڙي شئي آهي جيڪا پاڪستان ۾ موجود ناهي، صرف هتان جي مالا مال ڌرتيءَ تي پيدا ٿيندڙ شين تي ڌيان ڏئي ترقيءَ جون راهون هموار ڪري خوشحالي پيدا ڪرڻ آهي ۽ 1947ع کان پوءِ جي آيل آبادي پاڪستان جي زميني ايراضي جي لحاظ کان ڪا گهٽ نه آهي خاص طور سنڌ صوبو ته هميشه آڌر ڀاءُ جو اهڃاڻ رهيو آهي.

پر هن وقت جيڪا صورتحال خاص طور سنڌ سان آهي ته عمران خان صاحب جا نعرا ڄڻ اليڪشن کان اڳ جا هئا اها نياز نوڙت ۽ لب لهجو ڄڻ موڪلائي ويو ۽ ڳالهه ڌمڪين ۽ زبردستي جي مڃرائڻ جي آهي. هن وقت ڊيم جو مسئلو جيڪو ڪيترا ڀيرا هر حڪومت جي دور ۾ اٿاريو ويو ۽ هر دور ۾ سنڌ جي عوام ۽ حقيقت ۾ پاڻي جي ماهرن جو به اهو خيال هو ته ڊيم نقصان جوڳو آهي خاص طور پشا ور جي ماڻهن تمام گهڻو دانهيو ته هتي هزارين ايڪڙ زمين متاثر  ٿيڻ جا خطرا آهن، انهيءَ ڪري ڪنهن به ڊيم ٺاهڻ لاءِ اتان جي عوام کي اعتماد ۾ ورتو ويندو آهي، مقامي رهواسين جي اعتماد سان ئي وڏين اڏاوتن جا تعميري ڪم شروع ڪيا ويندا آهن.

ڀارت ۾ هزارين ڊيم آهن پر انهن جي اڏاوت لاءِ سڀ کان اڳ زميني حقيقتن کي ڏٺو ويندو آهي ڏسڻو اهو آهي ته جتي دنيا ۾ وڏن ڊيمن جو نظام ناڪارا ٿي چڪو آهي ۽ دنيا ۾ هر جاءِ تي هاڻي ننڍن ڊيمن ٺاهڻ کي اهميت ڏني پئي وڃي. ته پوءِ اسان جي ملڪ ۾ چرٻٽ راجا بيدادي نگري وارو قانون ڇو آهي ٽن اسيمبلين پاران رد ڪيل ڊيم جو رينگٽ سمجهه کان ٻاهر آهي، درياهه جو سوڪهڙو ٻڌائي ٿو ته ڊيم جي ٺاهڻ جي صورتحال ڪٿي به نظر نٿي اچي. هاڻي به سنڌ ڏانهن سنڌو ندي جو پاڻي صوبي جي زرعي پيداوار کان سواءِ پيئڻ جي پاڻي جو به پوراءُ نٿي ڪري سگهي ته ان مٿان ڊيم جي ڇپ ڪرڻ کانپوءِ سنڌوءَ ڪهڙي حال ۾ هوندي ۽ سنڌ جي ماڻهن کي ڇا سمنڊ ڏي منهن ڪرڻو پوندو.

اسيمبليون عوام جي چونڊيل ووٽن تي ٺهنديون آهن ۽ هر علائقي جا نمائندا اسيمبلي ۾ پاڪستان جو نچوڙ هوندا آهن، ته پوءِ آخر سنڌ صوبي سان ايڏي ڏاڍائي ۽ ويساهه گهاتي ڇو آهي، جو هر پاسي ڊيم جي مخالفت جي باوجود ان کي ٺهرائڻ تي زور ڏنو ٿو وڃي، قومي اسيمبلي، صوبائي اسيمبلين جي اهميت کي به نظر ۾ رکي ۽ سنڌ اسيمبلي جنهن کي پاڪستان جي خالق اسيمبلي به ڪوٺجي ٿو ان ۾ وري پ پ ايم پي اي نواب تيمور ٽالپر پاران ڊيم جي مخالفت ۾ ٺهراءُ جمع ڪرايو ويو آهي، انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو ته وري به سنڌ ۾ پ پ سنڌ جي مسئلن جي حقيقت کي سمجهندي ڊيم جي خلاف عوام جي آواز سان گڏ بيٺي آهي، اها اميد رکڻ کپي ته عوام جي قومي ۽ صوبائي حقن سان ڪا ناانصافي نه ٿيڻ گهرجي.

عمران خان صاحب هن وقت ملڪ جو وزيراعظم آهي ۽ سڄي ملڪ جي عوام جي بهتري اتان جي زميني حقيقتن، عوام جي مسئلن کي نظرانداز نه ڪري جيڪڏهن بقول وزيراعظم پاڪستان جي نئين پاڪستان جي صورتحال ۾ پراڻين روايتن مطابق احتجاجن ۾ استحصال جو شڪار ٿيندي وري به پاڻ کي روڊن رستن تي آندو ته پوءِ پراڻي پاڪستان ۽ نئين پاڪستان ۾ ڪهڙو فرق آهي، اڳ ۾ عوام جي مسئلن کي صرف حقيقي مسئلن کان هٽائي نوان بحث مباحثا ڪيا ويندا هئا.

عوام اٽي، اجهي، ڪپڙي، روزگار، بجلي جي بحران ۽ گندي پاڻي تي به جيئندي واجهائيندا هئا ته ڪا هنن 5 سالن ۾ چڱي اڳڀرائي ٿئي، عوام کي ڪو رليف ملي، هن وقت وري نئون پهاڙ ڪيرائي متيون جهڙوڪر منجهائي ڇڏيون آهن، پهرين ڪنهن کي پالي ڪو نه ٿا سگهن مٿان وري شناختي ڪارڊ ٺهرائي بنگالين، بهارين ۽ افغانين کي آباد ڪيو ٿو وڃي، جنهن مان اهي اهڃاڻ ملن ٿا ته مقامي ماڻهن کي اقليت ۾ ڪيو وڃي.

حيرت جهڙي ڳالهه اها به آهي ته چوندا آهن چراغ تلي انڌيرا سو ٿر جو عوام بک وگهي مري کپي رهيو آهي، ٻار بيمارين وگهي تڙپي تڙپي جانيون ڏين ٿا ۽ شاهه محمود قريشي صاحب جنهن تقريبن عمر جو ڳچ حصو سياست ۾ گذاريو آهي، هو ماضي ۾ پ پ پ جو جيال به رهيو آهي، پ پ پ جو جيالو معنيٰ ماڻهن سان ويجهڙائي ۽ وري پيري فقيري جي لحاظ کان گادي نشين به آهي، سندس سنڌ ۾ خاص طور سانگهڙ، ميرپورخاص، خيرپور ۾ ڪافي تعداد ۾ مريد آهن، جيڪي کيس ووٽ ڏين ٿا. ڇا انهن جي غربت ۽ مايوسي بيماري محرومي کيس نظر نه آئي آهي جو افغانستان ۾ هزارين ٽن اناج ڏيڻ جو نياپو پهچايو ويو. انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌي قوم کي يا ته هاڻي افغاني ٿيڻو پوندو يا بنگالي، سنڌي قوم سنڌ ڌرتي تي هزارين سالن کان پنهنجي تاريخ ۽ پنهنجي وجود کي بچائيندي پئي اچي اڄ ٻيهر ارغونن ترخانن سان مقابلي واري صورتحال ۾ پاڻ کي ڏسي ٿي.

سو سڄو بارُ موجوده حڪومت يعني پي ٽي آءِ تي آهي ڇاڪاڻ جو مرڪز ۾ مضبوط ۽ وفاق جي بنياد تي چئني صوبن کي هڪ نظر سان ڏسڻ گهرجي جڏهن عوام جي اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي ڪا به پارٽي حڪومت جي واڳ ڌڻي ٿيندي آهي ته پوءِ هن لاءِ پارٽي مفاد نه ملڪي مفاد تي لائحه عمل ٺاهڻو پوندو آهي، اڃان ته صرف 3 مهينا ٿيا آهن عوام کي ايترو جلد مايوس نه ڪرڻ کپي ۽ سٺي موٽ ڏئي چئن ئي صوبن جو برابري جي بنياد تي اعتماد بحال ڪرڻ گهرجي.

خميس 20 سيپٽمبر  2018ع، 9 محرم الحرام 1440 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

عورتن کي هراسان ڪرڻ خلاف تحفظ واري قانون جي منظوري……. هڪ ساراهه جوڳو عمل

سنڌ ڪابينا عورتن کي ڪم ڪرڻ واري هنڌ هراسان ڪرڻ خلاف تحفظ واري وفاقي حڪومت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے