24 بدھ , اکتوبر 2018

ملڪ ۾ 9 محرم الحرام جا جلوس، ڪيترن ئي شهرن ۾ موبائيل فون سروس معطل

ڪراچي  ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي، لاهور ۽ پشاور سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ 9 محرم الحرام جا جلوس ڪڍيا پيا وڃن،  جڏهن ته ڪيترن ئي شهرن ۾ موبائيل فون سروس معطل ۽ موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواريءَ تي پابندي آهي.  پوليس جلوسن جي رستن تي  سڪيورٽي جا سخت ترين انتظام ڪيا آهن، هنڌ هنڌ پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي. 9 ۽ 10 محرم الحرام جي موقعي تي موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواريءَ تي پابندي آهي ۽ شهرن جي داخلي رستن تي به گاڏين جي سخت چيڪنگ ڪئي پئي وڃي. ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي، جيڪب آباد، شڪارپور، لاهور، فيصل آباد، ملتان، گوجرانوالا، سرگوڌا، ڪوئيٽا ۽ پشاور سميت ٻين شهرن ۾ موبائيل فون سروس ڪٿي جزوي ۽ ڪٿي مڪمل طور معطل آهي، جيڪا جلوسن جي پڄاڻي تي بحال ڪئي ويندي.  لاهور ۾ 9 محرام الحرام جو مرڪزي جلوس امام بارگاهه پانڊو اسٽريٽ اسلام پوره کان برآمد ٿيو جيڪو مقرر رستن کان ٿيندي ساڳي هنڌ واپس اچي پڄاڻي تي پهتو. ڪراچي ۾ مرڪزي جلوس نشترپارڪ مان ڪڍيو ويو آهي جيڪو مختلف رستن کان ٿيندي امام بارگاهه حسينيه ايرانيان کارادر پهچي نهر ٿيندو.  اسلام آباد ۾ مرڪزي جلوس سيڪٽر جي 6 ٽو امام بارگاهه مان ڪڍيو ويو آهي جيڪو مختلف رستن کان ٿيندي مقرر هنڌ تي پڄاڻي تي پهچندو. گوجرانوالا ۾ مجموعي طور 103 جلوس ڪڍيا ويندا جڏهن ته مرڪزي جلوس امام بارگاهه حويلي سادات مان نڪرندو جڏهن ته ملتان ۾ 9 محرام الحرام جو مرڪزي جوس امام بارگاهه ممتاز آباد مان نڪرندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نهال هاشمي جي بيان خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ نهال هاشمي جي پاڪ فوج خلاف بيان تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے