21 اتوار , اکتوبر 2018

وزيراعظم جي دوستن کي عهدا ڏيڻ جو تاثر درست ناهي: نعيم الحق

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان جي صلاحڪار نعيم الحق حڪومت ۾ دوستن کي عهدا ڏيڻ جو تاثر رد ڪري ڇڏيو آهي.  سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم جي صلاحڪار نعيم الحق چيو ته دوستن کي حڪومت ۾ عهدا ڏيڻ جو تاثر بلڪل غلط آهي. هن چيو ته  مان 1984ع کان تحريڪ استقلال ذريعي سياست شروع ڪئي، 1988ع ۾ ڪراچيءَ مان قومي اسيمبلي جي چونڊ وڙهي. سندس چوڻ هو ته مان تحريڪ انصاف جي پهرين پنجن باني ڪارڪنن مان هڪ آهيان. نعيم الحق چيو ته حڪومت پاران دوستن کي اهم عهدا ڏيڻ جي ڳالهين ۾ ڪابه سچائي ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبن ۾ اتفاق راءِ سان ئي آبي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا: سرتاج عزيز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ناليواري اقتصاديات جي ماهر سرتاج عزيز چيو آهي ته صوبن اتفاق رائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے