24 بدھ , اکتوبر 2018

پاڪستان دهشتگردن جي ٿاڪن جي خاتمي لاءِ آپريشن ڪيا: آمريڪا جو اعتراف

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي پرڏيهي کاتي اعتراف ڪيو آهي ته  پاڪستان دهشتگردن جي محفوظ ٿاڪن جي خاتمي لاءِ آپريشن ڪيا آهن، پاڪ فوج جي آپريشنز سان القاعده ڪمزور ۽ دهشتگردي جي طاقت گهٽ ٿي آهي.  آمريڪي پرڏيهي کاتي پاران 2017ع ۾  عالمي دهشتگردي تي رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي. رپورت ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ دهشتگردي 2014ع جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ ٿي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اڳوڻن قبائلي علائقن ۾ پاڪ فوج آپريشن ڪيا جنهن سان القاعده ڪمزور ۽ دهشتگردي جي طاقت گهٽ ٿي آهي.  رپورٽ موجب 2017ع دوران پاڪستان ۾ دهشتگرد گروپن جو ڌيان پرڏيهه ۾ حملن تي رهيو، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته  پاڪستان تباهي پکيڙيندڙ هٿيارن جي منتقلي خلاف پرعزم آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نهال هاشمي جي بيان خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ نهال هاشمي جي پاڪ فوج خلاف بيان تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے