21 اتوار , اکتوبر 2018

ٻارڻ نه هئڻ سبب پي آءِ اي جون ڪيتريون ئي اڏامون ملتوي

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان اسٽيل آئل بقايا جي عدم ادائيگي تي قومي فضائي ڪمپني کي ٻارڻ جي فراهمي بند ڪري ڇڏي آهي جنهن جي نتيجي ۾ پي آءِ اي جون ڪيتريون ئي اڏامون ملتوي ٿي ويون آهن. پي ايس او ۽ پي آءِ اي ۾ بقايا جي ادائيگين جو تڪرار شدت اختيار ڪري ويو آهي جنهن جو نقصان مسافرن کي ٿي رهيو آهي، ملتوي ٿيل اڏامن جا متاثر پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. پي آءِ اي تي فيول جي مد ۾ 18 ارب رپين جي بقايا آهي جنهن سبب پي ايس او ٻارڙن جي فراهمي روڪي ڇڏي آهي. ٻارڻ جي کوٽ سبب پي آءِ اي جي اندرون ۽ پرڏيهه ملڪ ويندڙ ڪيتريون ئي اڏامون رد ڪيون ويون آهن، جڏهن ته مسافر ڪراچي ۽ اسلام آباد کان پنهنجي منزل تي پهچي نه سگهيا. پي آءِ اي جي ڪراچي کان لاهور اڏام پي ڪي 316 ۽ پي ڪي 368، ڪراچي کان بهاولپور پي ڪي 588، ڪراچي کان عراق پي ڪي 219 ۽ ڪراچي کان اسلام آباد پي ڪي 307 ملتوي ڪئي وئي آهي. صورتحال سبب مسافر ايئرپورٽ تي سامان سان رات گذارڻ تي مجبور ٿي ويا ۽ سندس پي آءِ اي جي عملي سان منهن ماري ٿي. ذريعن موجب پي آءِ اي ۽ پي ايس او وچ ۾ ڳالهيون ناڪام ٿي ويون آهن، جنهن بعد بحران وڌيڪ شدت اختيار ڪرڻ جو خدشو آهي. ٻئي طرف پي آءِ اي انتظاميه جو موقف آهي ته جلد فيول جي فراهمي شروع ٿي ويندي جنهن سان اڏامون معمول تي اچي وينديون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبن ۾ اتفاق راءِ سان ئي آبي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا: سرتاج عزيز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ناليواري اقتصاديات جي ماهر سرتاج عزيز چيو آهي ته صوبن اتفاق رائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے